سنڌ اسيمبلي ميمبر محمد قاسم سراج سومرو طرفان سنڌ يونيورسٽيءَ جو دورو، وائيس چانسلر سان ملاقات
سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر محمد قاسم سراج سومرو اڄ سنڌ يونيورسٽي پهچي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري(تمغه امتياز) سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران تعليم ۽ تحقيق سان لاڳاپيل گڏيل دلچسپيءَ وارن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي. وائيس چانسلر معزز مهمان کي سنڌ يونيورسٽي اچڻ تي ڀليڪار چيو ۽ يونيورسٽيءَ جي بهتريءَ لاءِ ڪيل ڪوششن، ٿيل اڳڀرائين، حاصل ٿيل بهتر نتيجن ۽ مستقبل جي رٿابندين بابت آگاهي ڏني، جنهن کي هن ساراهيندي وائيس چانسلر جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي ۽ مختلف منصوبن ۾ پنهنجي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي محمد قاسم سراج سومرو وائيس چانسلر سان گڏ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪنوينشن سينٽر جو دورو ڪيو ۽ اتي قائم ٿيل شهيد محترمه بينظير ڀٽو چيئر سميت مختلف چيئرز ڏٺيون ۽ انهن جي سرگرم ڪردار جي تعريف ڪئي. هن سينٽر ۾ قائم بينظير ڀٽو گئلري ۾ آويزان ٿيل شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي يادگار تصويرن کي پڻ وڏي دلچسپيءَ سان ڏٺو ۽ محترمه جي شخصيت ۽ جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن وزيٽرس بڪ تي پنهنجا تاثرات پڻ لکيا. ان موقعي تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو چيئر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ريحانه ملاح ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.