سنڌ يونيورسٽي جي اورڪ پاران ايڇ اي سي جي نيشنل ريسرچ پروگرام فار يونيورسٽيز جي منصوبن جي تياري بابت آگاهي پروگرام منعقد، وائيس چانسلر صدارت ڪئي
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي آفيس آف ريسرچ، انوويشن اينڊ ڪمرشلائيزيشن (اورڪ) پاران وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ جي سينيٽ هال ۾ " اين آر پي يو تحقيقي منصوبو ڪيئن جمع ڪرائجي ۽ ڪيئن ڪاميابي حاصل ڪجي“ جي موضوع تي آگاهي پروگرام منعقد ڪيو ويو. پروگرام جي صدارت سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) ڪئي. هن پروگرام جو مقصد هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي نيشنل ريسرچ پروگرام فار يونيورسٽيز جي تحقيقي منصوبن جي تياري بابت يونيورسٽي جي تدريسي شعبن سان لاڳاپيل استادن جي حوصلا افزائي ڪرڻ، کين رهنمائي فراهم ڪرڻ ۽ تحقيقي منصوبن جون تجويزون تيار ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ هو، ته جيئن هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي نيشنل ريسرچ پروگرام فار يونيورسٽيز (NRPU) ۽ سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن (SHEC) جي سنڌ ريسرچ سپورٽ پروگرام (SRPS) تحت تحقيقي گرانٽس حاصل ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي جي ڪاميابيءَ جي شرح وڌائي سگهجي.
تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ايڇ اي سي جي تحقيقي منصوبن جي حوالي سان منعقد ڪيل آگاهي سيمينار کي اهم قرار ڏيندي فئڪلٽي ميمبرن تي زور ڀريو ته اهي وڌ ۾ وڌ تحقيقي منصوبا تيار ڪري ايڇ اي سي وٽ جمع ڪرائين ۽ ان جي پروگرامن مان فائدو حاصل ڪن. هن چيو ته ڪنهن به تحقيقي منصوبي جي ڪاميابي لاءِ ان جي پروپوزل جو فارميٽ ۽ ڊزائين وڏي اهميت رکن ٿا. پروپوزل مختصر ۽ جامع هجڻ گهرجي جيڪو ڏسندڙ کي متاثر ڪري. هن اميد ظاهر ڪئي هي آگاهي پروگرام پروجيڪٽ جي پروپوزل جي تياري جي حوالي سان ڪافي ڄاڻ ڀريو ثابت ٿيندو.
ان کان اڳ اورڪ جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر فرحت نورين ميمڻ پنهنجي آجيان واري خطاب ۾ وائيس چانسلر، مقررن ۽ شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چيو ۽ پروگرام جي مقصدن تي روشني وڌي. ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ آف بايو ڪيمسٽري جي پروفيسر ڊاڪٽر نسيم اسلم چنا ايڇ اي سي جي گهرجن مطابق درخواست فارم کي صحيح ۽ مڪمل نموني ڀرڻ ۽ جمع ڪرائڻ جي طريقيڪار بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني.
زولاجي شعبي جي پروفيسر ڊاڪٽر رفعت سلطانه پروجيڪٽس تيار ڪرڻ جي پنهنجي تجربي جي روشنيءَ ۾ شرڪت ڪندڙن کي درخواست فارم جي فني حصن بابت رهنمائي فراهم ڪئي.
ڊاڪٽر ايم. اي. قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري جي ڊاڪٽر وقاص جميل تحقيقي منصوبن ۾ خريداريءَ جي رٿابندي ۽ بجيٽ تيار ڪرڻ جي اهم پهلوئن تي تفصيلي روشني وڌي. ڊاڪٽر محمد عقيل ڀٽو اورڪ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر طور پنهنجي تجربي جي بنياد تي اهم نقطا پيش ڪيا ۽ تحقيقي تجويزون جمع ڪرائڻ دوران استادن کي پيش ايندڙ عام مسئلن ۽ رڪاوٽن بابت شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب ڏنا..
سيشن جي پڄاڻيءَ تي وائيس چانسلر مقررن کي مڃتا طور يادگار شيلڊون ڏنيون. آخر ۾ پروفيسر ڊاڪٽر فرحت نورين وائيس چانسلر جي رهنمائي ۽ سهڪار جا ٿورا مڃيندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته اورڪ يونيورسٽيءَ جي محققن کي تحقيقاتي منصوبن جي تياري، درخواستن جي جمع ڪرائڻ ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن ۾ مسلسل فني ۽ انتظامي سهڪار فراهم ڪندو رهندو.
- -