سنڌ يونيورسٽي ۾ “تصوف جو عالمگير پيغام ۽ عالمي امن“ جي موضوع تي ليڪچر پروگرام منعقد، نامياري اسڪالر نائلا حيات نون ليڪچر پيش ڪيو
سنڌ يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽ آف اينٿروپالاجي اينڊ آرڪيالاجي طرفان “تصوف جو عالمگير پيغام ۽ عالمي امن” (حضرت صوفي عنايت خان جي تعليمات جي روشني ۾) جي موضوع تي ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو ويو. ليڪچرڪار نامياري اسڪالر ۽ حضرت عنايت خان جي تحريڪ تصوف عالمگير جي ڏکڻ ايشيا چيپٽر جي ريپريزنٽيٽو نائلا حيات نون هئي. پروگرام جي صدارت سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) طرفان نامزد ڪيل فئڪلٽي آف آرٽس جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگي ڪئي. ان موقعي تي ليڪچر ڏيندي نائلا حيات نون قرآن پاڪ جي آيتن ۽ حديثن جي روشني ۾ اسلام ۾ تصوف جي شاهوڪار روايتن ۽ ورثي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. سندس ليڪچر جو مرڪزي نقطو پنهنجي ذات جي تبديلي ، اصلاح ۽ شعور جي بيداري هو. هن پنهنجي ليڪچر ۾ ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته صوفي پنهنجي ذات جي اصلاح ۽ تبديلي لاءِ جدوجهد ڪندا آهن، جنهن جو مقصد سماج ۾ سڌارو ۽ بهتري آڻڻ هوندو آهي. پنهنجي ليڪچر ۾ هن چيو ته تصوف جو بنيادي پيغام محبت، رواداري، امن، برداشت ۽ انسانيت جي خدمت آهي.صوفين ان پيغام کي پوري دنيا اندر ڦهلايو. هن چيو ته اسلام امن ۽ رواداري جو مذهب آهي، جنهن ۾ صوفي ازم ان پيغام جو پرچارڪ آهي. هن چيو ته الاهي شعور تصوف جو بنياد آهي. تصوف انسان کي پنهنجي ذات جي اصلاح، شعور جي بيداري ۽ الاهي محبت ذريعي امن ۽ هم آهنگي ڏانهن وٺي وڃي ٿو. هن چيو ته موجوده دور ۾ مادي سوچ، لالچ ۽ تشدد انسان کي انسانيت جي اصل فطري سرشت کان پري ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته جڏهن انسان خدا جي عدل جي حقيقت، باهمي سهڪار ۽ محبت جي قانون کي سمجهي ٿو ته هو دنيا ۽ ٻين انسانن کي هڪ نئين نظر سان ڏسڻ جي قابل ٿي وڃي ٿو. هن چيو ته جڏهن خودغرضي انسان کي اهڙي موڙ تي پهچائي ٿي ، جتي هو سڀڪجهه وڃائي ويهي ٿو تڏهن کيس اهڙي روحاني رهنمائي جي ضرورت پوي ٿي جيڪا کيس حقيقي محبت سان روشناس ڪرائي.هن چيو ته انسان کي تعصبن ۽ محدود سوچ جي دائري مان ٻاهر نڪري شعور جي طاقت کي مثبت تبديلي لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن انسان مذهب جي باطني ۽ روحاني پهلو ڏانهن رجوع ڪري ٿو ته وحدت، محبت ۽ گڏيل انسانيت جو تصور وڌيڪ چٽو ٿي سامهون اچي ٿو. هن چيو ته دنيا کي رڳو صحيح ۽ غلط يا سٺو يا خراب جي متضاد خانن ۾ ورهائڻ بدران وحدت جي تصور کي سمجهڻ ۽ انساني زندگي ۾ ان جي اهميت کي تسليم ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي هن فطرت جي تحفظ لاءِ تصوف جي اهميت کي اجاڳر ڪندي چيو ته خدا جي مخلوق جي وچ ۾ باهمي رشتي ۽ وابستگي جي تصور کي سمجهڻ ضروري آهي ڇو ته ڪابه مخلوق اڪيلي ۽ ٻي مخلوق کان الڳ ٿي ڪم نه ٿي ڪري. هن ان موقعي تي حضرت علي عليه السلام جي هڪ قول جو مثال ڏيندي چيو ته هن فرمايو آهي ته توهان جي وچ ۾ ٻن قسمن جا رشتا آهن يا ته توهان ايمان ۾ هڪ ٻئي جا ڀائر آهيو يا انسانيت ۾ هڪ ٻئي جي برابر آهيو. هن حضرت صوفي عنايت خان جي تعليمات جو حوالو ڏيندي مخلوقات جي وچ ۾ باهمي انحصار ۽ لاڳاپن کي اجاڳر ڪيو جيڪي گڏيل سهڪار ۽ هم آهنگي جو سبب بڻجن ٿا. هن پنهنجي ليڪچر ۾ شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي شاعري جو خصوصي ذڪر ڪندي ان ۾ موجود تصوف جي پيغام تي روشني وڌي. هن سنڌو درياءَ کي ڪميونٽيز کي هڪ ٻئي سان ڳنڍيندڙ قرار ڏيندي، سنڌي رلي جو مثال پڻ ڏنو جيڪا مختلف رنگن جي ڪپڙن جي ٽڪرين سان ڳنڍي تيار ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته رلي ٻڌي جو خوبصورت مثال آهي. ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگي بهترين موضوع تي ليڪچر پروگرام منعقد ڪرڻ تي ڊپارٽمينٽ آف اينٿروپالاجي اينڊ آرڪيالاجي جي چيئرمين ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري جي مهرباني مڃي، جنهن کيس هن اهم پروگرام جي صدارت ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. هن چيو ته هڪ اهڙي معاشري ۾ جتي عدم رواداري، ڇڪتاڻ ، ذهني ڪشمڪش ۽ سماجي انتشار پنهنجا اثر حاوي ڪري رکيا هجن اتي تصوف جي عالمگير پيغام کي عام ڪري ماحول کي تبديل ڪري، بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته صوفي امن، محبت ، رواداري ۽ برداشت جي ڳالهه ڪن ٿا. هن چيو ته يونيورسٽين جو ڪم صرف ڊگريون ڏيڻ ناهي پر هن قسم جي پروگرامن ذريعي شعور ۽ آگاهي وڌائڻ به آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اڄوڪو ليڪچر شرڪت ڪندڙن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ پڻ موضوع جي مناسبت سان پنهنجا ويچار ونڊيا. ان کان اڳ ڊپارٽمينٽ آف اينٿروپالاجي اينڊ آرڪيالاجي جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالرزاق چنا پنهنجي آجيان واري خطاب ۾ سمورن شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چيو ۽ ليڪچر جي مقصدن تي روشني وڌي. آخر ۾ نيچرل سائنسز فئڪلٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر ناهيد ڪاڪا سمورن شرڪت ڪندڙن جي مهرباني مڃي.هن پروگرام جي ڪارروائي ڊپارٽمينٽ آف اينٿروپالاجي اينڊ آرڪيالاجي جي استاد ڊاڪٽر رفيق وساڻ نهايت ئي خوبصورت انداز ۾ هلائي. ان موقعي تي هن ليڪچرڪار جو تفصيلي تعارف پڻ پيش ڪيو. هن پروگرام ۾ سنڌ يونيورسٽي جي مختلف فئڪلٽين جي ڊينز پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام، پروفيسر ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا، مختلف شعبن جي هيڊز ، فئڪلٽي ميمبرن ، استادن ، آفيسرن ۽ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.