سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي حوالي سان قومي سمپوزيم منعقد، تاريخي، سياسي ۽ انساني حقن جي پهلوئن تي خيالن جو اظهار

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي شعبي پوليٽيڪل سائنس پاران 27 آڪٽوبر ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي حوالي سان قومي سمپوزيم منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾  ڪشمير مسئلي جي تاريخي پسمنظر، سياسي پهلوئن ۽ انساني بنيادن تي ان جي اثرن جو جائزو ورتو ويو. سمپوزيم جي صدارت فيڪلٽي آف سوشل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام ڪئي. تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي، جنهن جي سعادت شعبي عربيءَ جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر نظر حسين چانڊيو حاصل ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام چيو ته 27 آڪٽوبر اهو ڪارو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن ڀارتي فوج سري نگر ۾ داخل ٿي هئي. ڪشمير جو ڪارو ڏينهن هر سال ڪشميري، پاڪستاني ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾  رهندڙ، ڪشميرين جي حقِ خوداراديت جي حمايت ڪندڙن پاران ملهايو ويندو آهي. هن چيو ته هي سمپوزيم مسئلي ڪشمير کي تاريخي، سياسي، قانوني ۽ انساني پهلوئن کان سمجهڻ لاءِ هڪ علمي پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو.  ڪشمير مسئلو رڳو علائقائي دعوائن جو تڪرار نه آهي، پر ان ۾ عوامي رضامندي، خودمختياري، جمهوري نمائندگي ۽ ماڻهن جي پنهنجي سياسي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جي حق جهڙا بنيادي سوال پڻ شامل آهن. هن چيو ته ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي شدت وڌي وئي آهي، جن کي روڪڻ لاءِ گڏيل قومن کي ترت پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته هن موضوع تي يونيورسٽيءَ جون علمي سرگرميون صورتحال کي سمجهڻ لاءِ تحقيقي مطالعي، تاريخي شعور ۽ باخبر عوامي بحث مباحثي جي اهميت کي اجاگر ڪن ٿيون.

سنڌ يونيورسٽيءَ جي پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر چيو ته  ڪشمير مسئلي جون تاريخي پاڙون اڻويهين صديءَ ۾ برطانوي نوآبادياتي اقتدار جي توسيع سان جڙيل آهن. پهرين اينگلو سک جنگ کانپوءِ 9 مارچ 1846ع تي  لاهور معاهدو ٿيو، جڏهن ته 16 مارچ 1846ع تي برطانوي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ گلاب سنگهه سان امرتسر معاهدو ڪيو. هن چيو ته ان معاهدي ذريعي رياست ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڊوگرا حڪمرانيءَ جو بنياد پيو. معاهدي تحت خطي جي ماڻهن جي سياسي مستقبل جو فيصلو سندن سڌيءَ ريت صلاح مشوري کانسواءِ نوآبادياتي اختيارين ۽ هڪ شاهي حڪمران وچ ۾ معاهدي ذريعي ڪيو ويو. ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر چيو ته ڀارتي فوج جا ظلم 27 آڪٽوبر 1947ع کان شروع ٿيا، جيڪي اڃا تائين جاري آهن ۽ انهن کي روڪڻ جي ضرورت آهي.

شعبي پوليٽيڪل سائنس جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر غلام اڪبر مهيسر ڪشمير مسئلي جي عالمي پهلوئن، انساني حقن ۽ موجوده صورتحال تي روشني وڌي. هن چيو ته ڀارت دستاويزِ الحاق کي ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي دعويٰ جو قانوني بنياد قرار ڏئي ٿو، جيڪا دعوي' مڪمل طور ڪوڙ تي مبني آهي. دعوي' جي صداقت ۽ قانوني حيثيت بابت ڪيترائي سوال موجود آهن.

هن ٻڌايو ته مسئلو ڪشمير 1948ع ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ٿيو. سلامتي ڪائونسل 21 اپريل 1948ع تي قرارداد نمبر 47 منظور ڪئي، جنهن ۾ امن بحال ڪرڻ ۽ رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي الحاق بابت آزاد ۽ غيرجانبدار راءِ شماري ڪرائڻ جي سفارش ڪئي وئي، جيڪا نه سگهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت آئيني ترميمن ذريعي ڪشمير جي اڳوڻي خاص آئيني خودمختياري، جيڪا آرٽيڪل 370 تحت کيس حاصل هئي، ختم ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو. پاڪستان ۽ ڪشميري سياسي پارٽين ان قدم کي رد ڪندي ان کي عوام جي رضامنديءَ جي ابتڙ قرار ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته حقِ خوداراديت ڪشمير مسئلي بابت بحث جو مرڪزي موضوع آهي. پاڪستان ۽ ڪشميري سياسي قيادت اهڙي حل جو مطالبو ڪن ٿا، جيڪو ڪشميري عوام جي امنگن جي عڪاسي ڪري.

سمپوزيم جي ڪارروائي شعبي پوليٽيڪل سائنس جي ليڪچرار بختاور ٽالپر هلائي. تقريب ۾ شعبي پوليٽيڪل سائنس جي پروفيسر ڊاڪٽر محمد اڪرم گلال سميت فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.

 

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 10/27/2026
Announcements
1024 x 768
University of Sindh Holds National Symposium on Kashmir Black Day; Speakers Highlight Hist...
View Details → 10/27/2026
1024 x 768
سندھ یونیورسٹی میں یومِ سیاہ کشمیر کے حوالے سے قوÙ...
View Details → 10/27/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي حوالي ساÙ...
View Details → 10/27/2026