سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ايل ايل ايم (ايوننگ) ڊگري پروگرام 2027ع ۾ داخلا لاءِ پري انٽري ٽيسٽ منعقد، 379 ميل ۽ فيميل اميدوارن حصو ورتو، ٽيسٽ جي ڪجهه ڪلاڪن اندر ئي نتيجا پڌرا، پهرين، ٻين ۽ ٽين پوزيشن جو اعلان، وائيس چانسلر طرفان پوزيشن ماڻيندڙ اميدوارن کي مبارڪون
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تعليمي سال 2027ع لاءِ ايل ايل ايم (ايوننگ) ڊگري پروگرام ۾ داخلا لاءِ پري انٽري ٽيسٽ منعقد ڪئي وئي. مين ڪئمپس جي انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس ۾ منعقد ٿيل هن ٽيسٽ ۾ ٽوٽل 379 اميدوارن حصو ورتو، جن ۾ 310 ميل ۽ 69 فيميل اميدوار شامل هئا. ٽيسٽ صبح جو 9:45 وڳي شروع ٿي، 90 منٽن تائين جاري رهي 11:15 تي مڪمل ٿي. انٽري ٽيسٽ دوران سخت سيڪيورٽي سميت شاگردن جي سهولت جا بهترين انتظام ڪيا ويا هئا. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ ۽ فئڪلٽي آف لا جي ڊين ڊاڪٽر سيد سردار علي شاھ لڪياري امتحاني بلاڪن جو دورو ڪيو ۽ ٽيسٽ جي انتظامن جو ورتو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر ايڊميشنز ڊاڪٽر اياز ڪيريو، سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آفتاب احمد چانڊيو پڻ ساڻس گڏ هئا. ٻئي طرف سنڌ يونيورسٽي ايل ايل ايم (ايوننگ) ڊگري پروگرام ۾ داخلا لاءِ ٿيل پري انٽري ٽيسٽ جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا آهن, ان سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آفتاب احمد چانڊيو طرفان جاري ڪيل پڌرائي مطابق 11:15 تي مڪمل ٿيندڙ ٽيسٽ جا نتيجا ڪجهه ڪلاڪن اندر 3:30 تي پڌرا ڪري سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر (SUTC) جي ويب سائيٽ تي رکيا ويا آهن. جاري ڪيل نتيجن ۾ ٽيسٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ مارڪون کڻي پهرين، ٻين ۽ ٽين پوزيشن ماڻيندڙ اميدوارن جي نالن جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي. جنهن مطابق سکر ضلعي سان تعلق رکندڙ عمران مبين پٺاڻ ۽ محمد سليمان ڪلوڙ 100 مان 72 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن ماڻي آهي، جڏهن ته حيدرآباد ضلعي سان تعلق رکندڙ ماريه احمد ملڪ ۽ شڪارپور ضلعي جي سيف ﷲ ڪاڪيپوٽو 70 مارڪون کڻي ٻين ۽ گهوٽڪي ضلعي جي امام الدين گبول 67 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري( تمغه امتياز) ٽيسٽ جي ڪامياب انعقاد ۽ ڪجهه ڪلاڪن اندر رزلٽ پڌري ڪرڻ واري عمل کي ساراهيندي، پوزيشن ماڻيندڙ پنجن ئي اميدوارن کي مبارڪون ڏيندي سندن ڪامياب مسقبل لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو آهي.