سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ بيورو آف اسٽيگس ۽ برٽش ڪائونسل پاڪستان جي گڏيل سهڪار سان اسڪالرشپس ۽ لائبريري خدمتن جي حوالي سان آگاهي سيشن منعقد، مختلف شعبن جي شاگردن جي شرڪت

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ بيورو آف اسٽيگس ۽ برٽش ڪائونسل پاڪستان جي گڏيل سهڪار سان اسٽڊي اسڪالرشپس ۽  لائبريري خدمتن جي حوالي سان معلوماتي آگاهي سيشن وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ جي سينيٽ هال ۾ منعقد ڪيو ويو. سيشن جو مقصد شاگردن کي برٽش ڪائونسل پاران اعليٰ تعليم لاءِ فراهم ٿيندڙ اسڪالرشپ جي موقعن، درخواست ڏيڻ جي طريقيڪار ۽ ٻي لاڳاپيل معلومات بابت آگاهي ڏيڻ هو، ته جيئن اهي عالمي سطح تي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موجود موقعن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهن.سيشن دوران شاگردن کي بين الاقوامي اسڪالرشپ جي موقعن، موبلٽي پروگرامن ۽ برٽش ڪائونسل لائبرريز پاران فراهم ڪيل مختلف خدمتن، موقعن ۽ مطالعاتي وسيلن تائين رسائي بابت رهنمائي فراهم ڪئي وئي. ان موقعي تي انٽرنيشنل اسٽوڊنٽ موبلٽي پروگرام جي ڪنٽري ليڊ عثمان خالد اسڪالرشپ بابت آگاهي سيشن جي اڳواڻي ڪندي شاگردن کي اعليٰ تعليم لاءِ موجود اسڪالرشپ جي موقعن ۽ انهن مان فائدو حاصل ڪرڻ جي طريقيڪار بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني.جڏهن ته برٽش ڪائونسل جي ايجوڪيشن پروگرام مئنيجر (نارٿ) هارون رشيد،  نيشنل پروگرام ڪوآرڊينيٽر رابعه حاتم پڻ موضوع جي مناسبت سان خطاب ڪيو. جڏهن ته لائبريري اينڊ انفارميشن سروسز جي ڪوآرڊينيٽرز صدام حسين ۽ عبدالرحمان جن شرڪت ڪندڙن کي برٽش ڪائونسل لائبريريز جي خدمتن، سهولتن ۽ مطالعي جي موقعن بابت آگاهي فراهم ڪئي. ان موقعي تي بيورو آف اسٽيگس جي ڊائريڪٽر ۽ پروگرام جي فوڪل پرسن اجويد احمد ڀٽي پنهنجي آجيان واري خطاب ۾ ڪائونسل پاڪستان جي معزز مهمانن کي ڀليڪار چيو ۽ سيشن جي مقصدن ۽ اهميت تي روشني وڌي. هن پروگرام جي ڪامياب انعقاد ۾ مس نورين فهد جي ڪوششن کي خصوصي طور تي ساراهيو، جنهن سنڌ يونيورسٽي ۽ برٽش ڪائونسل وچ ۾ سهڪار قائم ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ان موقعي تي  ايڊوائيز اسٽوڊنٽس افيئر (گرلز) ڊاڪٽر سميرا ڏيرو پڻ خطاب ڪيو ۽ شاگردن کي بين الاقوامي تعليمي موقعن ۽ مطالعاتي وسيلن بابت آگاهي فراهم ڪرڻ واري قدم کي ساراهيو.  آخر ۾ سيشن جي مقررن کي اعزازي شيلڊون ڏنيون ويون. سيشن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي  مختلف شعبن آرٽيفشل انٽيليجنس، بزنس ايڊمنسٽريشن، لا، سوشالاجي، ڪامرس، انفارميشن ٽيڪنالاجي، انگلش لئنگويج اينڊ لٽريچر، سوشل ورڪ ۽ ڪيمسٽري سان واسطو رکندڙ 110 شاگردن شرڪت ڪئي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 11/03/2026
Announcements
1024 x 768
University of Sindh and British Council Hold Awareness Session on Scholarships and Library...
View Details → 11/03/2026
1024 x 768
University of Sindh’s Institute of Biochemistry Organises One-Day Workshop on “Healthp...
View Details → 11/03/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ میں بیورو آف اسٹگس اور برٹش کونسل پاکسØ...
View Details → 11/03/2026