سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف بايو ڪيمسٽري پاران ”صحت جي شعبي ۾ ڪاروباري صلاحيتن ۾ واڌ “ جي موضوع تي هڪ ڏينهن وارو ورڪشاپ منعقد

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف بايو ڪيمسٽري، نيوٽريشن اينڊ فوڊ سائنسز اينڊ ايسٽرن ميڊيسن پاران ”صحت جي شعبي ۾ ڪاروباري صلاحيتن ۾ واڌ “ جي موضوع تي هڪ ڏينهن وارو ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو، جنهن جو مقصد بايو ڪيمسٽري، نيوٽريشن ۽ ايسٽرن ميڊيسن جي شاگردن ۾ ڪاروباري سوچ، جدت ۽ ڪاروبار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ هو.

ورڪشاپ ۾ آمريڪا جي مشهور Clay Handy Restaurant جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مسعود قاضي خاص مقرر طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته نامياري ڪاروباري شخصيت نازيه ذوالفقار اعزازي مهمان طور شريڪ ٿي. ورڪشاپ دوران ٻنهي مقررن پنهنجا ڪاروباري تجربا، عملي ڄاڻ ۽ ڪاميابين جون ڪهاڻيون شرڪت ڪندڙن سان ونڊيون. هنن ڪاروبار جي ترقي، مارڪيٽنگ جي حڪمت عملين، عالمي مارڪيٽنگ، پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪاروبار قائم ڪرڻ ۽ هٿ سان تيار ڪيل شين جي واپاري صلاحيت سميت ڪاروبار جي مختلف پهلوئن تي خيالن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ آف بايو ڪيمسٽري، نيوٽريشن، فوڊ سائنسز اينڊ ايسٽرن ميڊيسن جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر افشين شاهه معزز مقررن، استادن، شاگردن ۽ سمورن شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا. هن اميد ظاهر ڪئي ته سهڪار جو اهو سلسلو مستقبل ۾ به جاري رهندو، جيئن بايو ڪيمسٽري، نيوٽريشن ۽ ايسٽرن ميڊيسن جي شاگردن ۾ ڪاروباري صلاحيتن کي هٿي وٺرائڻ ۽ عملي ڪاروباري قدمن لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪري سگهجن. ان موقعي تي مسعود قاضي خاص طور مصنوعي ذهانت کي ڪاروباري سرگرمين جي واڌاري لاءِ هڪ جديد ۽ اثرائتو ذريعو قرار ڏيندي ان جي صلاحيتن ۽ فائدن تي روشني وڌي. پروگرام جي شروعات ۾ ڊاڪٽر عاطف حسين منگي ورڪشاپ جي موضوع تي روشني وجهندي صحت، غذائيت ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ ڪاروباري سرگرمين جي وڌندڙ اهميت تي خيالن جو اظهار ڪيو. هن سيشن جي نظامت جا فرض پڻ انجام ڏنا. ان موقعي تي امر علي جويو پڻ موضوع جي مناسبت سان خطاب ڪيو ۽ مهمانن جي آمد تي سندن ٿورا مڃيا. هن ورڪشاپ ۾ استادن، شاگردن ۽ ٻين مهمانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 11/03/2026
Announcements
1024 x 768
University of Sindh and British Council Hold Awareness Session on Scholarships and Library...
View Details → 11/03/2026
1024 x 768
University of Sindh’s Institute of Biochemistry Organises One-Day Workshop on “Healthp...
View Details → 11/03/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ میں بیورو آف اسٹگس اور برٹش کونسل پاکسØ...
View Details → 11/03/2026