سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ”علامه محمد اقبال جو لازوال فلسفو ۽ پاڪستان جا نوجوان“ جي موضوع تي قومي سيمينار منعقد

 مقررن چيو آهي ته خود شناسي، فڪري سجاڳي، قومي شعور ۽ اجتماعي ذميواريءَ بابت علامه اقبال جو فلسفو اڄ به نوجوانن کي درپيش سماجي، معاشي ۽ سياسي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتي رهنمائي فراهم ڪري رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ملڪ جي عظيم مفڪر  ۽ شاعرِ مشرق علامه محمد اقبال جي يومِ پئدائش جي مناسبت سان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي پاڪستان اسٽڊي سينٽر ۾  ”علامه اقبال جو لازوال فلسفو ۽ پاڪستان جا نوجوان“ جي عنوان سان منعقد ڪيل قومي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار جو مقصد علامه محمد اقبال جي فڪري، فلسفياڻي پيغام ۽ سياسي خدمتن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ پاڪستان جي نوجوان نسل لاءِ سندس فڪر جي موجوده دور ۾ اهميت کي نمايان ڪرڻ هو.

سيمينار ۾ موڪليل پنهنجي صدارتي پيغام ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) ادب، فلسفي ۽ امتِ مسلمه جي فڪري سجاڳيءَ جي حوالي سان علامه محمد اقبال جي شاندار ۽ مثالي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي. سندس چوڻ هو  ته اقبال جي انقلابي شاعريءَ ۾ خودداري، حوصلي، عزم، خوداعتمادي ۽ خودشناسيءَ جو لازوال پيغام سمايل آهي. هن چيو ته علامه اقبال پنهنجي شاعريءَ ۾ خاص ڪري نوجوان نسل کي پنهنجي صلاحيتن کي سڃاڻڻ، پاڻ ۾ خوداعتمادي پيدا ڪرڻ ۽ زندگيءَ ۾ اعليٰ مقصدن جي حاصلات لاءِ لڳاتار جدوجهد ڪرڻ جو درس ڏنو آهي.

هن پاڪستان اسٽڊي سينٽر پاران اهڙي علمي تقريب منعقد ڪرڻ واري عمل کي ساراهيندي چيو ته يومِ اقبال کي بامقصد علمي ۽ فڪري سرگرمين ذريعي ملهائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته اها ڳالهه يونيورسٽين جي بنيادي ذميوارين ۾ شامل آهي ته اهي شاگردن ۾ تعميري سوچ، تحقيق، تخليقي صلاحيتن ۽ قيادت جون خوبيون پيدا ڪن ۽ اهڙا ذميوار، باصلاحيت ۽ باشعور شهري تيار ڪن، جيڪي موجوده دور جي چئلينجن جو اثرائتي نموني مقابلو ڪري سگهن. هن نوجوان نسل تي زور ڀريو ته اهي اقبال جي فلسفي مان رهنمائي حاصل ڪندي سندس فڪر کي سماج ۽ ملڪ جي بهتريءَ لاءِ اڳتي وڌائين.

پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر پنهنجي خطاب ۾ علامه محمد اقبال کي هڪ عظيم قومي شاعر ۽ فلسفي قرار ڏيندي چيو ته سندس فڪري پيغام برصغير جي مسلمانن ۾ سياسي شعور جي تشڪيل ۾ انقلابي ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته اقبال جي شاعري ۽ فلسفياڻين تحريرن مسلمانن کي سياسي ۽ فڪري جمود مان بيدار ڪيو ۽ انهن ۾ سڃاڻپ، خوداعتمادي ۽ خودداريءَ جو نئون احساس پيدا ڪيو. سندس تصورِ مذهبي، تاريخي، ثقافتي ۽ تهذيبي قدرن تي ٻڌل هو.

هن ٻه قومي نظرييِ جي ارتقا تي روشني وجهندي 1930ع واري تاريخي  ﷲ آباد خطبي کي وڏي اهميت جوڳو قرار ڏنو، جنهن تحريڪِ پاڪستان کي هڪ اهم فڪري ۽ سياسي رخ فراهم ڪيو. هن چيو ته عظيم مفڪر علامه اقبال مسلم اڪثريتي صوبن کي هڪ نئين مسلم رياست جو حصو بڻائڻ جي تجويز پيش ڪئي هئي، ته جيئن مسلمانن جي لساني، نسلي، ثقافتي ۽ مذهبي قدرن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. سندس شاعراڻي ۽ فلسفياڻي فڪر مسلمانن ۾ خوداعتمادي ۽ نئين اميد پيدا ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ آزاديءَ جي تحريڪ کي وڌيڪ هٿي ملي.  ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر چيو ته پاڪستان جا نوجوان ملڪ جو سڀ کان وڏو قومي سرمايو آهن. پاڪستان جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر وارن ماڻهن تي ٻڌل آهي. جيڪڏهن نوجوانن کي معياري تعليم، فني مهارتن، خوداعتمادي، نظم ۽ ضبط توڙي قيادت جي صلاحيتن سان ليس ڪيو وڃي ته اهي پاڪستان کي هڪ مضبوط، معاشي طور خوشحال ۽ عالمي سطح تي اهم مقام رکندڙ ملڪ بڻائي سگهن ٿا.

شعبي علم الانسان ۽ آثارِ قديمه جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالرازق چنه علامه اقبال جي فلسفيِ خوديءَ جي موجوده دور ۾ اهميت تي روشني وجهندي نوجوانن تي زور ڀريو ته اهي پنهنجي انفرادي صلاحيتن کي سڃاڻن، پاڻ ۾ خوداعتمادي پيدا ڪن، فڪري خودمختياري برقرار رکن ۽ زندگيءَ ۾ پنهنجي مقصد جو واضح تعين ڪن. هن چيو ته بدلجندڙ عالمي سماجي ۽ معاشي حالتن ۾ اقبال جو خودشناسيءَ وارو پيغام خاص اهميت رکي ٿو. ڊاڪٽر چنه شاگردن سان علامه اقبال جي فلسفي، خاص طور خودي ۽ شاهين جي تصور بابت هڪ فڪر انگيز مڪالمو پڻ ڪيو.

ان موقعي تي شاگردن عبير، هالار، انعام رند، باقر لغاري، عائشه جوکيو ۽ فضا تقريرون ڪيون ۽ علامه اقبال جي شاعري پڻ پيش ڪئي.

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 11/09/2026
Announcements
1024 x 768
SU Students Showcase Entrepreneurial Skills at Expo Featuring Over 50 Business Stalls
View Details → 11/12/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگويج ايÙ...
View Details → 11/12/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ کے انسٹیٹیوٹ آف انگلش لینگویج اینڈ لٹر...
View Details → 11/12/2026