سنڌ يونيورسٽي ۽ ايشين انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي گڏيل سهڪار سان غذائيت، صحت ۽ ذيابطيس بابت ٽين عالمي ڪانفرنس 16 ۽ 17 نومبر تي منعقد ٿيندي

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف بايو ڪيمسٽري ۽ ايشين انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز حيدرآباد جي گڏيل سهڪار سان غذائيت، صحت ۽ ذيابطيس جي موضوع تي ٻن ڏينهن واري ٽين عالمي ڪانفرنس 16 ۽ 17 نومبر 2026ع تي منعقد ٿيندي، جنهن ۾ ڏيهه توڙي پرڏيهه جا ماهر شرڪت ڪندا. ڪانفرنس جي صدارت سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) ڪندو. ڪانفرنس جي آرگنائيزرز ۾ پروفيسر ڊاڪٽر ناهيد ڪاڪا، پروفيسر ڊاڪٽر افشين شاهه ۽ پروفيسر ڊاڪٽر صادق ميمڻ شامل آهن، جڏهن ته ڪانفرنس جي معاونن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر عمران شيخ ۽ پروفيسر ڊاڪٽر اعجاز حسين سومرو شامل آهن. ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس جي پهرئين ڏينهن جون تقريبون سنڌ يونيورسٽيءَ جي شهيد بينظير چيئر اينڊ ڪنوينشن سينٽر ڄامشورو ۾ منعقد ٿينديون، جڏهن ته ٻئي ڏينهن جون تقريبون انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ منعقد ٿينديون.

ڪانفرنس جي پرڏيهي مقررن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر مظفر خٽڪ (ملائيشيا)، پروفيسر ڊاڪٽر حفيظ سليريا (آسٽريليا)، ڊاڪٽر وان ازدي محمد ابوبڪر (ملائيشيا)، ڊاڪٽر روزلن عبدالرحمان (ملائيشيا)، پروفيسر ڊاڪٽر مختيار بيگ (جده)، ڊاڪٽر سيد ڪاشف حسين ڪاظمي (برطانيا) ۽ ڊاڪٽر خالد ممتاز (آمريڪا) شامل آهن. جڏهن ته ڏيهي مقررن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر عمر فاروق (ملتان)، ڊاڪٽر حماد مجيد (لاهور)، پروفيسر ڊاڪٽر نجمه ميمڻ (سنڌ يونيورسٽي)، ڊاڪٽر فيروزه وٽو، ڊاڪٽر سليم ميمڻ، پروفيسر ڊاڪٽر تسنيم گل قاضي ۽ ڊاڪٽر بشريٰ پاٽولي شامل آهن.

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 11/15/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ۽ ايشين انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ...
View Details → 11/15/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ اور ایشین انسٹیٹیوٹ آف میڈیکل سائنسز ک...
View Details → 11/15/2026
1024 x 768
SU Students Showcase Entrepreneurial Skills at Expo Featuring Over 50 Business Stalls
View Details → 11/12/2026