سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٿيل عالمي ڪانفرنس ۾ ماهرن ذباطيس کي دنيا لاءِ اهم چئلينج قرار ڏيئي ڇڏيو، متوازن خوراڪ، آگاهي ۽ طرز زندگي ۾ تبديلي ذريعي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو: مقرر

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ٿيل عالمي ڪانفرنس ۾ ڏيهي پرڏيهي مقررن دنيا اندر ذباطيس  جي مريضن جي تعداد ۾ تيزي سان ٿيندڙ اصافي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ان کي اهم چئلينج قرار ڏيئي ڇڏيو. اهڙن خيالن جو اظهار هنن انسٽيٽيوٽ آف بايو ڪيمسٽري ۽ ايشين انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز حيدرآباد جي گڏيل سهڪار سان غذائيت، صحت ۽ ذيابطيس جي موضوع تي منعقد ٻن ڏينهن واري ٽين عالمي ڪانفرنس ۾ ڪيو. شهيد بينظير ڀٽو چيئر اينڊ ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ٿيل هن ڪانفرنس جي صدارت سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) ڪئي . جڏهن ته ڪانفرنس ۾ ڏيهه توڙي پرڏيهه مان آيل لاڳاپيل شعبن جي ماهرن شرڪت ڪئي ۽ موضوع جي مناسبت سان پنهنجا پيپر پيش ڪيا. ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو ته صحت جي حوالي سان غذائيت جو اهم ڪردار آهي، دنيا اندر ذيابطيس سميت مختلف بيمارين ۾ ٿيندڙ واڌ پٺيان ٻين سببن سان گڏ هڪڙو وڏو سبب خوراڪ ۾ بي احتياطي  ۽ صحت جي حوالي سان آگاهي نه هجڻ پڻ آهي. هن چيو ته متوازن خوراڪ ، صحتمند طرز زندگي ذريعي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو. هن چيو ته ذباطيس دنيا اندر تيزي سان وڌندڙ مرض آهي، پاڪستان ۾ پڻ هن بيماري جي شڪار ماڻهن  جي  تعداد ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، جيڪا نهايت ئي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته ذيابطيس جي چئلينج کي  متوازن خوراڪ سان گڏ آگاهي پروگرامن ذريعي ڪاميابي سان منهن ڏئي سگهجي ٿو. وائيس چانسلر انتهائي  اهم موضوع تي ٿيل ڪانفرنس کي ساراهيندي  ان ڳالهه تي زور  ڏنو ته يونيورسٽين، طبي ادارن ۽ تحقيقي مرڪزن کي صحت سان لاڳاپيل مسئلن جي حل لاءِ گڏيل تحقيق ۽ علمي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ گهرجي. هن ڏيهي پرڏيهي ماهرن کي ڀليڪار چوندي اميد ظاهر ڪئي ته هي عالمي ڪانفرنس غذائيت ۽ صحت جي شعبن ۾ جديد تحقيق، تجربن جي مٽاسٽا ۽ گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ان کان اڳ انسٽيٽيوٽ آف بايو ڪيمسٽري جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر افشين شاهه ۽ ايشين انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز حيدرآباد جي پروفيسر ڊاڪٽر صادق ميمڻ ڪانفرنس ۾ شريڪ مهمانن کي ڀليڪار چيو ۽ ڪانفرنس جي مقصدن تي روشني وڌي. ڪانفرنس ۾ پنهنجا ويچار ونڊيندي ملائيشيا کان آيل اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر مظفر خٽڪ چيو ته ذيابطيس رت ۾ گلوڪوز وڌڻ جي نتيجي ۾ ٿئي ٿي، جنهن کي معياري علاج ۽ متوازن خوراڪ ذريعي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته ڪا به بيماري اوچتو نه ٿيندي آهي، ان لاءِ جسم الارم ڏيندو آهي، جنهن تي ڌيان ڏئي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو.آسٽريليا کان آيل پروفيسر ڊاڪٽر حفيظ سليريا، ملائيشيا کان آيل ڊاڪٽر وان ازدي محمد ابوبڪر ۽ ڊاڪٽر روزلن عبدالرحمان، جدي کان آيل  پروفيسر ڊاڪٽر مختيار بيگ، برطانيا کان آيل ڊاڪٽر سيد ڪاشف حسين ڪاظمي ۽ آمريڪا کان آيل  ڊاڪٽر خالد ممتاز  ميٽابولزم ۽ ذيابطيس وچ ۾ گهري تعلق، ڪوليسٽرول ۽ ٿولهه جي نقصانڪار اثرن، متوازن خوراڪ جي فائدن ۽ غير متوان خوراڪ جي صحت تي پوندڙ نقصانڪار اثرن تي روشني وڌي ۽ ذيابطيس سميت مختلف بيمارين جي روڪٿام لاءِ جديد حڪمت عملين بابت ڄاڻ ڏني. ڪانفرنس ۾ ملڪ جي مختلف شهرن کان آيل ڏيهي مقررن پروفيسر ڊاڪٽر عمر فاروق،  ڊاڪٽر حماد مجيد،  پروفيسر ڊاڪٽر نجمه ميمڻ ، ڊاڪٽر فيروزه وٽو، ڊاڪٽر سليم ميمڻ، ڊاڪٽر گلشن علي ميمڻ، حماد مجيد،  پروفيسر ڊاڪٽر تسنيم گل قاضي ۽ ڊاڪٽر بشريٰ پاٽولي پڻ موضوع جي مناسبت سان پنهنجا پيپر پيش ڪيا. ان موقعي تي وائيس چانسلر طرفان ذڪر ڪيل معزز مهمانن سميت سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ڊاڪٽر اعجاز علي سومرو، صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاهه جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر امام الدين کوسو، سنڌ يونيورسٽي دادو ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو، ڊين ڊاڪٽر ناهيد ڪاڪا، سينڊيڪيٽ ميمبرن ڊاڪٽر عرفانه ملاح، ڊاڪٽر محمد قاسم نظاماڻي، ڊاڪٽر حميرا هڪڙو، ڊاڪٽر عبدالرحمان نانگراج، استادن جي تنظيم جي سرواڻ ڊاڪٽر احمد علي بروهي، ڊاڪٽر سعيد احمد منگي، ڊاڪٽر الهنواز ميمڻ،  ڊاڪٽر الله بخش گهانگهرو، ڊاڪٽر خالد لاشاري، ڊاڪٽر قاسم سميجو، ڊاڪٽر قدير پنهور، ڊاڪٽر عاطف منگي ۽ ٻين کي اعزازي شيلڊون ۽ ثقافتي تحفا اجرڪ ۽ لنگيون ڏنيون. هن ڪانفرنس جي ڪمپيئرنگ ڊاڪٽر ڊاڪٽر عاطف حسين منگي، ڊاڪٽر مهوش چنا ۽ ڊاڪٽر بينش ڪئي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 11/16/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٿيل عالمي ڪانفرنس ۾ ماهرن ذباطي...
View Details → 11/16/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ میں منعقدہ عالمی کانفرنس میں ماہرین نÛ...
View Details → 11/16/2026
1024 x 768
Experts Declare Diabetes a Major Global Challenge at SU International Conference, Stress B...
View Details → 11/16/2026