سنڌ يونيورسٽي پاران بيچلر (ٽيون سال) ۽ ماسٽر ڊگري پروگرامز 2027ع ۾ داخلائن لاءِ فيس ۽ ڊاڪيومينٽس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 27 نومبر مقرر

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ بيچلر (ٽيون سال) ۽ ماسٽر ڊگري پروگرامز 2027ع ۾ داخلائن لاءِ سليڪٽ ٿيل اميدوارن جي داخلا فيس ۽ گهربل ڊاڪيومينٽس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ جمعو، 27 نومبر 2026ع مقرر ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊميشنز پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پهرين سليڪشن لسٽ ۾ شامل اميدوارن جي داخلا فيس جا چالان سندن اي پورٽل اڪائونٽس ۾ موڪليا ويا آهن، جتان اهي ڊائون لوڊ ڪري سگهن ٿا. پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته داخلا فيس جي ادائيگي ۽ ڊاڪيومينٽس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 27 نومبر 2026ع آهي. پڌرائيءَ موجب ڄامشوري ڪيمپس ۾ سليڪٽ ٿيل اميدوارن کي سمورا گهربل ڊاڪيومينٽس ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊميشنز ۾ ۽ يونيورسٽي جي مختلف ڪيمپسز ۾ سليڪٽ ٿيل اميدوارن کي گهربل ڊاڪيومينٽس لاڳاپيل ڪئمپسز ۾ آفيس وقت دوران صبح جو 9:00وڳي کان منجهند جو 2:30 وڳي تائين جمع ڪرائڻا پوندا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 11/23/2026
Announcements
1024 x 768
University of Sindh Issues First Provisional Selection List for Bachelor’s Degree Progra...
View Details → 11/24/2026
1024 x 768
عورتن جي ترقي ۽ کين بااختيار بڻائڻ کانسواءِ سماج Ø...
View Details → 11/23/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان بيچلر ڊگري پروگرام 2027ع جي پ...
View Details → 11/23/2026