سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي پاران ڪاروباري صلاحيتن جي واڌاري جي موضوع تي سيمينار منعقد، وائيس چانسلر صدارت ڪئي
سنڌ يونيورسٽي سنڌي شعبي پاران ڪاروباري صلاحيتن جي واڌاري جي موضوع تي سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن جو مقصد شاگردن ۾ ڪاروباري رٿابندي، جدت ۽ تخليقي صلاحيتن کي هٿي وٺرائڻ بابت آگاهي فراهم ڪرڻ هو. شعبي جي ڊاڪٽر عبدالجبّار جوڻيجو هال ۾ منعقد ٿيل هن سيمينار جي صدارت سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) ڪئي. جڏهن ته علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر جي ڊائريڪٽر ۽ شعبي سنڌيءَ جي وزيٽنگ پروفيسر ڊاڪٽر قاضي خادم اعزازي مهمان طور شرڪت ڪئي. سيمينار کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو ته موجوده دور ۾ ڪاروباري لاڙي ۾ اضافو ٿيڻ سبب ڪاروباري صلاحيتن جي اهميت وڌي وئي آهي، هن چيو ته اهي صلاحيتون نوجوانن کي نوڪرين جي ڳولا پٺيان وقت وڃائڻ بجاءِ ڪاروبار طرف سوچڻ ۽ ڪامياب تجربا ڪرڻ جي قابل بڻائين ٿيون. هن چيو ته ڪاروباري ڪاميابي لاءِ بهترين رٿابندي، تخليقي سوچ، مستقل مزاجي سان لڳاتار محنت ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال جو ڏانء اچڻ ضروري آهن. هن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽين جو ڪم شاگردن کي روايتي تعليم سان گڏ عملي مهارتون ۽ ڪاروباري شعور فراهم ڪرڻ پڻ آهي ته جيئن اهي پنهنجي قابليت ذريعي ملڪ جي معاشي ترقيءَ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. هن انتهائي اهم موضوع تي سيمينار منعقد ڪرڻ تي سنڌي شعبي جي چيئرمين جي ڪوششن کي ساراهيندي کيس مبارڪون ڏنيون. ان کان اڳ سنڌي شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر نور محمد شاهه پنهنجي آجيان واري خطاب ۾ وائيس چانسلر سميت سڀني شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چيو ۽ سيمينار جي مقصدن تي روشني وڌي. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن جي پروفيسر ڊاڪٽر نويده ڪٽپر ڪاروباري رٿابندي ڪيئن ڪجي؟ جي موضوع تي آگاهي ليڪچر پيش ڪيو. پنهنجي ليڪچر ۾ هن چيو ته ڪو به ڪاروبار شروع ڪرڻ کان اڳ ان جي رٿابندي ضروري آهي جنهن ۾ مارڪيٽ جي گهرجن، ڪاروباري لوڪيشن، پراڊڪٽ جي معيار، انفراديت، تشهير وغيره جي وڏي اهميت آهي. هن چيو ته بغير رٿابندي جي شروع ڪيل ڪاروبار جا گهربل ڪامياب نتيجا حاصل نه ٿا ڪري سگهجن. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي ترقي جي هن دور ۾ آن لائن ڪاروبار جو لاڙو پڻ تيزي سان وڌي رهيو آهي ۽ گهر ويٺي جهجهو ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو پر ان لاءِ ڪاروباري اسڪلز ضروري آهن. هن چيو ته عام ماڻهو جي ڀيٽ ۾ اعلي' يافته وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڪاروبار ڪري سگهي ٿو. هن نوجوانن کي صلاح ڏني ته اهي وڌ ۾ وڌ ڪاروباري اسڪلز سکن. هن سيمينار جي ڪارروائي سنڌي شعبي جي استاد ۽ شهيد بينظير ڀٽو چيئر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ريحانه ملاح هلائي. سيمينار ۾ سنڌي شعبي جي استادن ڊاڪٽر فياض لطيف، ڊاڪٽر نواب ڪاڪا، ڊاڪٽر مخمور بخاري، ڊاڪٽر شازيه پتافي سميت شاگردن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي.