يونيورسٽي پاران آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن جي ڇهين ورسيءَ جي موقعي تي واڪ جو اهتمام، شهيد شاگردن ۽ اسٽاف ميمبرن کي ڀرپور ڀيٽا پيش

سنڌ يونيورسٽي پاران آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن جي ڇهين ورسيءَ جي موقعي تي واڪ جو اهتمام، شهيد شاگردن ۽ اسٽاف ميمبرن کي ڀرپور ڀيٽا پيش: حملو بزدلاڻو هو، جنهن دشمنن کي فنا ۽ قوم کي متحد ڪيو: وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي بيورو آف اسٽيگس پاران آرمي پبلڪ اسڪول پشاور واقعي کي 6 سال مڪمل ٿيڻ تي شهيدن جي ياد ۾ واڪ جو اهتمام ڪيو ويو. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي قيادت ۾ يونيورسٽيءَ جي زيرو پوائنٽ کان سينٽرل لائبرري تائين ريلي ڪڍي ويئي. ڪورونا وائرس سبب يونيورسٽي بند هئڻ باوجود واڪ ۾ آفيسرن، استادن، ملازمن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، ان دؤران حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي پڻ سختيءَ سان عمل ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جا سمورا اسٽيڪ هولڊر اڄ به آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن کي ياد ڪن ٿا. هن چيو ته اسڪولي ٻارڙن پنهنجيون زندگي پاڪستان لاءِ قربان ڪيو، سندن قربانيءَ کي هميشه ياد رکيو ويندو. شهيدن کي ياد ڪندي وائيس چانسلر چيو ته قوم 2014ع ۾ پشاور سانحي ۾ شهيد ٿيلن کي ڪڏهن به نه وساريندي. هن چيو ته سانحي ۾ 132 اسڪولي ٻارڙا ۽ 17 اسٽاف ميمبر شهيد ٿيا هئا. ڄاڻايل حملو بزدلاڻي ڪارروائي هئي، جنهن سان حملي آور پاڻ فنا ٿي ويا، جڏهن ته پاڪستان دشمن قوتن خلاف قوم متحد ٿي ويئي. ڊاڪٽر برفت ساروڻيون ساريندي چيو ته حملي واري ڏينهن اتفاق سان هو پاڻ پشاور جي علائقي حيات آباد ۾ موجود هو، جڏهن ته واقعي جا هن خوفناڪ منظر ڏٺا پر ماڻهن جا حوصلا رُڪ کان وڌيڪ مضبوط نظر آيا. هن چيو ته اسان ڏکويل ڪٽنبن سان گڏ آهيون ۽ الله تعاليٰ کان دعا ٿا گهرون ته کين صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق ۽ همت ڏئي. هن چيو ته ڄاڻايل سانحي کي 6 سال گذرڻ باجود قوم اڃا تائين صدمي ۾ ورتل آهي. ڄاڻايل ڪارروائي وحشت جي انتها هئي. هن چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي انساني ترقي ۽ امن جا دشمن آهن، جن پبلڪ اسول حملو تيار ڪيو ۽ اسپانسر ڪيو، اهي انسانيت جا ويري ۽ قاتل آهن. قوم جي ذميواري آهي ته اهڙن حملن خلاف متحد ٿي پاڪ فوج جو ساٿ ڏئي. ان موقعي تي سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمود الحسن مغل، رجسٽرار ڊاڪٽر امير علي ابڙو، ڊاڪٽر عارفه ڀٽو، ڊاڪٽر سميرا عمراڻي، ڊاڪٽر عزيز اڄڻ، غلام نبي ڪاڪا، ڊاڪٽر فريده شيخ ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳالهائيندي شهيدن کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي. ان دؤران شهيد ٻارن جو ذڪر ٿيڻ تي جذباتي ماحول ڏسڻ ۾ آيو.