سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ معروف محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي 103 سالگرهه ملهائي ويئي. وائيس چانسلر ڊاڪٽر برفت ۽ ٻين پاران مزار تي حاضري

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ معروف محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي 103 سالگرهه ملهائي ويئي. وائيس چانسلر ڊاڪٽر برفت ۽ ٻين پاران مزار تي حاضري، گلن جي چادر چاڙهي ويئي، ڊاڪٽر بلوچ سنڌ کي صحيح معنائن ۾ سڃاڻپ ڏني: وي سي ڊاڪٽر فتح محمد برفت

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت معروف محقق، اديب ۽ دانشور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي سندس ڪيل ادبي ۽ تعليمي خدمتن تي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر بلوچ سڄي زندگي تعليم ۽ علم جي پکيڙ ۾ گذاري، جڏهن ته هن پنهنجي علم ۽ ڏاهپ سان سنڌ کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏني. هن عالمي معيار جو تحقيقي ڪم ڪيو. هو 24 ئي ڪلاڪ مختلف موضوعن تي تحقيق ۾ مصروف رهيو. اهڙو اظهار هن ڪالهه هتي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي 103 سالگرهه جي موقعي تي اين اي بلوچ ريسرچ فائونڊيشن پاران بينظير ڀٽو ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وائس چانسلر ڊاڪٽر برفت سندس سالگرهه جو ڪيڪ به ڪاٽيو، جڏهن ته مشهور اديب تاج جويو، محمد علي مانجهي، ڊاڪٽر محمد علي لغاري، عبدالقادر کٽي، غوث لغاري، فهيم نوناري، ڊاڪٽر فياض لطيف، محمد شفيق بلوچ، نفيس احمد شيخ، محمد رفيق، ڊاڪٽر بلوچ جو پٽ علي محمد بلوچ، عرض محمد بلوچ، محمد عارف بلوچ، ارشاد علي لغاري، ارشد بلوچ، مرتضيٰ سيال، محمد معشوق صديقي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وائيس چانسلر چيو ته کيس نٿو لڳي ته مرحوم محقق جيترو تحقيقي ڪم ڪيو، شايد ٻئي ڪنهن ايترو ڪيو هجي. هن چيو ته هن هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو، پر سخت محنت ۽ تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪاهڻ واري جذبي جي نتيجي ۾ کيس عالمي سڃاڻپ ملي. هن چيو ته ڊاڪٽر بلوچ ٻين جي راهه روڪي پنهنجي ترقي يقيني بنائڻ جي ڪڏهن به ڪوشش نه ڪئي ۽ هو مسلسل محنت تي يقين رکندڙ هو. ان کان اڳ وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت اديبن ۽ محققن سان گڏ ڊاڪٽر اين اي بلوچ جي مزار تي پهچي حاضري ڏني ۽ گلن جي چادر چاڙهي فاتحه پڻ ڪئي. بعد ۾ وائيس چانسلر يونيورسٽيءَ جي باني وي سي علامه آءِ آءِ قاضي، سندس وني ايلسا قاضي، برک اديب محمد ابراهيم جويو ۽ اڳوڻي وي سي ڊاڪٽر عابده طاهراڻي جي مزارن تي پڻ ويو ۽ فاتحه ڪئي.