سنڌ يونيورسٽي ۾ پهريون مارئي گرلز هاسٽل انٽرپرينرشپ ميلو منعقد، شاگردياڻين طرفان مختلف اسٽال قائم، وائيس چانسلر افتتاح ڪيو هن قسم جا ميلا شاگردن کي پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جو موقعو فراهم ڪن ٿا ۽ منجهن خوداعتمادي پيدا ڪن ٿا: ڊاڪٽر فتح محمد مري

سنڌ يونيورسٽي جي آفيس آف دي ريسرچ انوويشن اينڊ ڪمرشلائيزيشن (اورڪ) طرفان بيورو آف اسٽيگس جي سهڪار سان شهيد محترمه بينظير ڀٽو چيئر اينڊ ڪنوينشن سينٽر ۾ پهريون مارئي گرلز هاسٽل انٽرپرينرشپ ميلو منعقد ڪيو ويو، جنهن جو افتتاح سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) ڪيو. افتتاح جي موقعي تي اورڪ جي ڊائريڪٽر ۽ مارئي گرلز هاسٽل جي پرووسٽ ڊاڪٽر فرحت نورين ۽ بيورو آف اسٽيگس جو ڊائريڪٽر اجويد احمد ڀٽي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو چيئر اينڊ ڪنوينشن سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ريحانه ملاح پڻ موجود هئا. هن ميلي ۾ مارئي گرلز هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردياڻين طرفان ديسي کاڌن، فروٽ چاٽ، ڇولا چاٽ مصالحن، ميڪروني، گول گپن،  چانهه، ڪافي، شربتن، هٿ جي هنر جي شين، ڪپڙن، اليڪٽرانڪس جي سامان، ڀرت ڀريل وڳن، چادرن، ڪتابن، زيورن، ميڪ اپ جي سامان سميت مختلف شين جا رعايتي اسٽال لڳايا ويا هئا. هڪ ڏينهن واري هن  ڪاروباري صلاحيتن واري ميلي ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي وڏي  تعداد  شريڪ ٿي اسٽالن تان کاڌي پيتي سميت ٻيون شيون خريد ڪيون.  افتتاح بعد وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري سمورن اسٽالن جو دورو ڪيو ۽ اتي رکيل شين کي دلچسپي سان ڏٺو ۽ شاگردن جي ڪوشش جي واکاڻ ڪندي، کين اتساهه ڏنو. ان موقعي تي پنهنجا ويچار ونڊيندي وائيس چانسلر چيو ته هن قسم جا ميلا شاگردن کي پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جو موقعو فراهم ڪن ٿا ۽ منجهن خوداعتمادي پيدا ڪن ٿا.هن چيو اسان جي ڪوشش آهي ته هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي رهائش جي بهتر سهولتن سان گڏ راندين ۽ ٻين هم نصابي سرگرمين لاءِ  به وڌ ۾ وڌ سهولتون ۽ موقعا فراهم ڪريون ته جيئن اهي تفريح سان گڏ پنهنجي ٽئلنٽ کي به ظاهر ڪري سگهن. هن چيو مارئي گرلز هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردياڻين طرفان جنهن محنت، دلچسپي ۽ سليقي سان هن ميلي ۾ اسٽال قائم ڪيا ويا آهن، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته منجهن بهترين ڪاروباري صلاحيتون موجود آهن، صرف کين  رهنمائي ۽ موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وائيس چانسلر چيو ته هن قسم جا ميلا نه رڳو شاگردن ۾ بهترين ڪاروباري خيال پيدا ڪن ٿا پر شيون تيار ڪرڻ، اهي وڪري لاءِ رکڻ ، انهن مان منافعو حاصل ڪرڻ ۽ خريدارن سان ڳالهائڻ جو تجربو به حاصل ٿئي ٿو ۽ کين خبر پوي ٿي ته شيون مارڪيٽ ۾ ڪيئن متعارف ڪجن ۽ انهن کي ٻين کان ڪيئن بهتر بڻائجي. ان سان سندن اعتماد وڌي ٿو.  وائيس چانسلر اورڪ ۽ بيورو آف اسٽيگس جي ڊائريڪٽرن جي گڏيل ڪوشش کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته هي ميلو  شاگردن جون  ڪاروباري صلاحيتون، دلچسپي ۽ خوداعتمادي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ان موقعي تي اورڪ جي ڊائريڪٽر ۽ مارئي گرلز هاسٽل جي پرووسٽ ڊاڪٽر فرحت نورين ۽ ڊائريڪٽر اسٽيگس اجويد احمد ڀٽي وائيس چانسلر کي ميلي ۾ قائم اسٽالن بابت آگاهي ڏني ۽ سندس شرڪت ۽ همت افزائي ڪرڻ جي مهرباني مڃي. هن ميلي ۾ فئڪلٽي آف ڪامرس اينڊ بزنس ائڊمنسٽريشن جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو، فئڪلٽي آف سوشل سائنس جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام، فئڪلٽي آف لا جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سردار علي شاهه لڪياري،  انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض لطيف، بوائز هاسٽلز جي پرووسٽ ڊاڪٽر پنهل لاشاري، سنڌ يونيورسٽي ڪالوني جي چيئرمين ڊاڪٽر مظهر علي عباسي، اورڪ جي مئنيجر سيد اڪبر علي شاهه سميت مختلف شعبن جي سربراهن، فئڪلٽي ميمبرن ڊاڪٽر محمد حسن اگهيم، ڊاڪٽر اصغر علي ڏاهر هڪڙو، ڊاڪٽر محمد يونس لغاري، ڊاڪٽر بارادي ورياڻي، ڊاڪٽر امبرين زيب خاصخيلي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 09/24/2026
Announcements
1024 x 768
University of Sindh to Hold Pre-Entry Test on October 4; VC Reviews Arrangements
View Details → 09/25/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ۾ پهريون مارئي گرلز هاسٽل انٽرپرينØ...
View Details → 09/24/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾پري انٽري ٽيسٽ 4 آڪٽوبر تي ٿينديØ...
View Details → 09/24/2026