موڪل جو حڪم نامو واپس ٿيڻ بعد وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت پنهنجي چارج سنڀالي ورتي: آفيسرن، استادن ۽ ملازمن پاران مبارڪباد پيش:

موڪل جو حڪم نامو واپس ٿيڻ بعد وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت پنهنجي چارج سنڀالي ورتي: آفيسرن، استادن ۽ ملازمن پاران مبارڪباد پيش: پهرين حڪم طور سڀاڻي ڊينز ڪميٽي جو آن لائين اجلاس طلب

ڄامشورو (پ ر) سنڌ حڪومت جي يونيورسٽيز اينڊ بورڊس ڊپارٽمينٽ پاران موڪل جو حڪم نامو واپس وٺڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت پنهنجي چارج سنڀالي ورتي آهي. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي وي سي آفيس پهچڻ تي مختلف انتظامي عملدارن، استادن ۽ ملازمن سندس آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ کيس چارج سنڀالڻ تي واڌايون ڏنيون. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر برفت سڀني جا ٿورا مڃيندي چيو ته هو هميشه وانگر سنڌ يونيورسٽي ۾ اعليٰ تعليم ۽ تحقيقي ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ لاءِ متحرڪ رهندو. هن چيو ته شاگردن جو وقت بچائڻ لاءِ اڪيڊمڪ ڪائونسل ۽ سينڊيڪيٽ جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ آن لائين ڪلاس جاري رکيا ويندا. ڊاڪٽر برفت چيو ته سمورا آفيسر، استاد ۽ ملازم يونيورسٽي اچڻ دوران ماسڪ ضرور پائين ۽ هڪٻئي سان هٿ ملائڻ کان پاسو ڪن. هن پهرين حڪم طور ڊينز ڪميٽي جو آن لائين اجلاس سڀاڻي (11 ڊسمبر) طلب ڪيو آهي.