سنڌ يونيورسٽي ۾ ماسٽرز، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ۾ داخلائون جاري: بيچلر ڊگري پروگرامز جي ميرٽ لسٽ اڄ جاري ٿيڻ جا امڪان

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ مختلف شعبن ۾ ماسٽرز، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ۾ داخلائون جاري آهن، جڏهن ته بيچلر ڊگري پروگرام جي ميرٽ لسٽ اڄ (اڱارو) تي جاري ٿيڻ جا امڪان آهن. ڊائريڪٽر ايڊميشن غلام محمد ڀٽو موجب ماسٽر ڊگري پروگرام جي مختلف شعبن لاءِ خواهشمند اميدوار 15 جنوري 2021ع تائين آن لائين درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا. سندس چوڻ هو ته ڪوشش جاري آهي ته بيچلر ڊگري پروگرام جي ميرٽ لسٽ هڪ ٻن ڏينهن اندر جاري ڪئي وڃي. هن چيو ته ماسٽرز ڊگري پروگرامز لاءِ آن لائين درخواستون جمع ڪرائيندڙ اميدوار فارم في 2500 رپيا ضرور جمع ڪرائين، ٻي صورت ۾ 15 جنوري 2021ع کانپوءِ هو داخلائن واري عمل کان رهجي ويندا. ٻئي طرف گريجوئيٽ اسٽڊيز جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شهزاد ميمڻ موجب مختلف شعبن ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامز ۾ به داخلائون جاري آهن. خواهشمند اميدوار يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي وڃي پاڻ کي رجسٽر ڪري داخلائن لاءِ آن لائين درخواستون ڏئي سگهن ٿا. ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ۾ داخلائن جا خواهشمند ايڊميشن فارم جي پراسيسنگ في 3 هزار رپيا لازمي جمع ڪرائين.

Author: Director ITSC 01/12/2021
Announcements
1024 x 768
جامعہ سندھ کی جانب سے ہاسٹل الاٹمنٹ 2026ء کیلئے فیس ...
View Details → 06/17/2026
1024 x 768
SU VC Dr Marri inaugurates handicrafts centre to promote Sindh’s cultural heritage
View Details → 06/17/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح م...
View Details → 06/17/2026