سنڌ يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي صدارت هيٺ ايڊميشن ڪميٽي جو اجلاس، بيچلر ڊگري پروگرام جي ٻئين عارضي ميرٽ لسٽ اڄ 2 فيبروري جاري ڪرڻ جي منظوري

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ايڊميشن ڪميٽي جو اجلاس وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ بيچلر ڊگري پروگرام جي ٻئين عارضي ميرٽ لسٽ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٻئين عارضي ميرٽ لسٽ اڄ 2 فيبروري تي جاري ڪئي ويندي، جنهن بعد اميدوار 2 ۽ 3 فيبروري تائين اعتراض جمع ڪرائي سگهندا. اهڙيءَ طرح 4 فيبروريءَ تي حتمي ميرٽ لسٽ جاري ڪئي ويندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٻئين ميرٽ لسٽ تحت داخلا حاصل ڪندڙ اميدوار 8 فيبروريءَ کان 12 فيبروريءَ تائين داخلا في جمع ڪرائي سگهندا. وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو، ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي، ڊاڪٽر صالحه پروين، ڊاڪٽر زرين عباسي، ڊاڪٽر وزير علي بلوچ، ڊاڪٽر حافظ منير احمد خان، ڊاڪٽر عبدالرسول عباسي، ڊاڪٽر عرفانه ملاح، ڊاڪٽر رفيق ميمڻ، ڊاڪٽر جاويد چانڊيو، ڊاڪٽر سراج الحق ڪانڌڙو، محمد معشوق صديقي، ڊاڪٽر لڇمڻ داس، ڊاڪٽر رفيق لاشاري، ڊاڪٽر ذيشان ڀٽي، پروفيسر سعيد احمد منگي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.