سنڌ يونيورسٽي/ ٽيسٽ اپڊيٽ

ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي ۾ بيچلر ڊگري پروگرام جي 57 شعبن ۾ داخلائن لاءِ ٻئي مرحلي ۾ ٿيندڙ انٽري ٽيسٽ سڀاڻي 7 نومبر تي ٿيندي، مجموعي طور 8377 اميدوار حصو وٺندا، تياريون مڪمل

ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي حيدرآباد، بدين، دادو، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، ٺٽو ۽ نئوشھروفيروز ڪئمپسز ۾ بيچلر ڊگري پروگرام ۾ داخلائن لاءِ ٻئي مرحلي ۾ رٿيل انٽري ٽيسٽ ۾ 6540 ميل ۽ 1647 فيميل اميدوار شرڪت ڪندا

ڄامشورو: پھرين مرحلي ۾ ٽيسٽ نه ڏئي سگھندڙ 190 اميدوارن کي به ٽيسٽ ۾ ويھڻ جو موقعو فراھم ڪيو پيو وڃي: سنڌ يونيورسٽي جو ترجمان نادر علي مغيري

ڄامشورو: پھرين مرحلي ۾ غيرحاضر رھندڙ 190 اميدوارن جا رول نمبر ساڳيا ئي رھندا، جيڪي کين اڳ ئي الاٽ ڪيل آھن: ترجمان

ڄامشورو: شاگردياڻيون اسٽيشن روڊ ۽ شاگرد سنڌالاجي گيٽ کان يونيورسٽي ۾ داخل ٿي سگھندا، ٽيچرز، آفيسرز ۽ ملازم باب السلام گيٽ ذريعي ڊيوٽين تي ايندا: ترجمان

ڄامشورو: وائيس چانسيلر جي ھدايتن تي انٽري ٽيسٽ جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام، يونيورسٽي جي گارڊن سان گڏ پوليس اٽالا به مقرر

ڄامشورو: حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي ۾ اميدوارن کي کڻي اچڻ لاءِ 17 پوائنٽ بسون ھلايون وينديون، جيڪي 8 بجي ھلنديون: ٽرانسپورٽ انچارج

ڄامشورو: پوائنٽ بسون اولڊ ڪئمپس کان شھباز بلڊنگ، مارڪيٽ کان سٽي گيٽ، قاسم آباد، نسيم نگر کان گلشن سجاد ۽ لطيف آباد پوڻي ست کان لطيف آباد پوڻي پنج رستي ھلنديون: ٽرانسپورٽ انچارج

ڄامشورو: 3 بسون ايگريڪلچرل ڪامپليڪس ۽ 2 بسون ڪوٽڙي کان لطيف چوڪ ٽيليگراف رستي به صبح ستين بجي ھلايون وينديون: ٽرانسپورٽ انچارج