سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ بيچلرس ڊگري پروگرام ۾ داخلائن لاءِ مرحليوار منعقد ڪيل پري انٽري ٽيسٽ

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ بيچلرس ڊگري پروگرام ۾ داخلائن لاءِ مرحليوار منعقد ڪيل پري انٽري ٽيسٽ ۾ پوزيشنون شاگرد ٻوھاري ويا، ٽن پوزيشنن ۾ ڪا به شاگردياڻي شامل ناھي: ٽيسٽنگ سينٽر پاران پوزيشنون ماڻيندڙن جا نالا پڌرا: پھرين پوزيشن ماڻيندڙ شاگرد 100 مان 79، ٻي پوزيشن حاصل ڪندڙ ٽن شاگردن 78-78 ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ اميدوار 76 مارڪون حاصل ڪيون، وائيس چانسيلر پاران پوزيشن ھولڊرن کي واڌايون: سنڌ ۾ ٽيلينٽ جي کوٽ ناھي، خوشي آھي ته نوجوان محنت ڪن پيا: ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو

ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي مختلف ڪئمپسز ۾ بيچلرس ڊگري پروگرام ۾ داخلائن لاءِ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر پاران مرحليوار منعقد ڪيل پري انٽري ٽيسٽ ۾ 3 پوزيشنون کڻندڙ اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ ڪا به ڇوڪري شامل ناھي، ٽئي پوزيشنون شاگرد ٻوھاري ويا. سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آفتاب چانڊيو موجب سنڌ يونيورسٽي ۽ ان جي ڪئمپسز ۾ بيچلرس ڊگري پروگرام ۾ داخلائن لاءِ مجموعي طور 20179 اميدوارن درخواستون جمع ڪرايون، جن مان 1351 ٻن مرحلن ۾ ٿيل ٽيسٽ ۾ غيرحاضر رھيا، جڏھن تہ 18828 اميدوارن ٻنھي مرحلن ۾ انٽري ٽيسٽ ۾ حصو ورتو، جن مان ٽاپ 3 اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو آھي. ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آفتاب چانڊيو موجب پھرين پوزيشن محمد حنيف ولد محمد ربنواز تنيو 100 مان 79 مارڪون کڻي حاصل ڪئي. پنھل خان ولد رياض حسين راڄپر، محمد طاھر ولد عبدالڪريم پنھور ۽ سرفراز علي ولد ممتاز علي رند بلوچ 78-78 مارڪون کڻي گڏيل طور ٻي پوزيشن حاصل ڪئي. اھڙي طرح خادم حسين ولد تاج محمد ساند 76 مارڪون حاصل ڪري ٽين پوزيشن ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آفتاب چانڊيو ٻڌايو ته پھرين پوزيشن کڻندڙ محمد حنيف تنيو 7 نومبر واري ٽيسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جڏھن تہ ٻي پوزيشن کڻندڙ ٽن ڄڻن مان پنھل خان راڄپر 7 نومبر، محمد طاھر پنھور پھرين ڏينھن واري ٽيسٽ يعني 30 آڪٽوبر، سرفراز علي رند بلوچ 7 نومبر ۽ ٽئين پوزيشن ماڻيندڙ خادم حسين ساند 31 آڪٽوبر تي ٿيل ٽيسٽ ۾ حصو ورتو ھو. ھن ٻڌايو ته ٽيسٽ لاءِ سوالنامن جي ساڳئي سطح رکي وئي ته جيئن اميدوارن کي پنھنجي اھميت ثابت ڪرڻ لاءِ ھڪ جھڙو موقعو فراھم ڪري سگھجي. سنڌ يونيورسٽي ۾ ٻئي مرحلي ۾ مجموعي طور 8000 کان وڌيڪ اميدوارن ٽيسٽ ۾ حصو ورتو، جنھن ۾ 2425 اميدوار 40 يا ان کان وڌيڪ مارڪون حاصل ڪيون آھن. مجموعي طور ٻن مرحلن ۾ منعقد ڪيل ٽيسٽ ۾ 6769 اميدوار 40 يا ان کان مٿي مارڪون حاصل ڪري چڪا آھن.