سنڌ يونيورسٽي ۾ بزنس ايڊمنسٽريشن جي ٻن اسڪالرن جا فائنل ايم فل سيمينار 22 نومبر تي ٿيندا
سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن ۾ ايم فل ڪندڙ ٻن اسڪالرن شاهد احمد رستماڻي ۽ اسد حسين ميمڻ جا فائنل سيمينار سومر 22 نومبر 2021ع تي منعقد ٿي رهيا آهن، ٻنهي اسڪالرن جا فائنل ايم فل سيمينار انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن ۾ ٿيندا، جڏهن ته ٻنهي اسڪالرن جو سپروائيزر پروفيسر ڊاڪٽر سيد عبدالستار شاهه ۽ سپروائيزر ڊاڪٽر محمد ميمڻ پڻ ان موقعي تي موجود هوندا. اسڪالر شاهد احمد رستماڻي ۽ اسد حسين ميمڻ پنهنجي پنهنجي ٿيسز جو دفاع ڪندا. ٻنهي سيمينارن جي صدارت فئڪلٽي آف ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو ڪندو.