سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر اين اي بلوچ جي 104 سالگرهه تقريب، اديبن ۽ دانشورن پاران کيس زبردست لفظن جي ڀيٽا
مقررن سنڌ جي نامور عالم، استاد، محقق، لطيف شناس ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سنڌ جي ثقافت ۽ سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن کي ياد ڪندي کيس صوبي جي وڏي هستي قرار ڏيندي کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ۽ مطالبو ڪيو آهي ته ڊاڪٽر بلوچ جي ڪيل تحقيقي ڪم کي يونيورسٽين جي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن نوجوان نسل کي شاهه لطيف جي شاعري، سنڌي ادب ۽ ٻولي، ثقافت جي واڌ ويجهه لاءِ سندس ڪيل ڪوششن بابت ڄاڻ ملي سگهي. هنن چيو ته ڊاڪٽر بلوچ سنڌي ٻولي، تاريخ، سياحت، ماڳ مڪانن ۽ ادب جي مختلف موضوعن تي تحقيقي ڪم ڪيو، جنهن سبب سنڌي ادب تحقيقي مواد جي حوالي سان مالامال ٿي ويو. اهڙو اظهار هنن ڪالهه سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ ۾ واقع شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ چيئر پاران، “ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: بحيثيت محقق ۽ لطيف شناس” جي سري هيٺ منعقد ڪيل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي ڊين فئڪلٽي آف آرٽس ڊاڪٽر قاضي خادم حسين چيو ته ڊاڪٽر اين.اي بلوچ وات ۾ چانديءَ جو چمچو کڻي پيدا نه ٿيو پر هن مسلسل محنت ۽ لگن ذريعي پنهنجو مقام حاصل ڪيو. هن چيو ته ڊاڪٽر بلوچ ٻين جي قيمت تي پنهنجي جاءِ ٺاهڻ جي ڪڏهن به ڪوشش نه ڪئي ۽ نه ئي اهڙن منفي روين کي پسند ڪندو هو. هن چيو ته ڊاڪٽر اين. اي بلوچ 16 ڊسمبر 1977ع ۾ ڳوٺ جعفر خان ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو، جنهن تعليم، ادب، لوڪ داستان ۽ تاريخ جي شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. هن چيو ته ڄاڻايل عالم عربي، فارسي، انگريزي ۽ اردوءَ ۾ ڪيترائي تحقيقي ڪتاب لکيا، جيڪي اصل ۾ ڄاڻ جو خزانو آهن. هن چيو ته سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت کي محفوظ رکڻ لاءِ هن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جو دورو ڪيو ۽ سنڌ بابت هر شئي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. هن چيو ته سندس سڀ کان وڏو ڪارنامو لوڪ ادب، لطيف ۽ سنڌي زبان جي لغت تي تحقيقي ڪم هو. پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه ملاح چيو ته ڊاڪٽر بلوچ جي ادبي ۽ تحقيقي ڪم کي يونيورسٽين جي نصاب ۾ تدريس لاءِ شامل ڪرڻ گهرجي ته جيئن نوجوان سندس محنت مان لاڀ حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته ڊاڪٽر اين اي بلوچ عالمي معيار جو ڪم پيش ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو هڪ اهڙو شخص هو، جيڪو سڄو سال چوويهه ئي ڪلاڪ مختلف موضوعن تي تحقيق ڪندو رهيو. هن چيو ته کيس نٿو لڳي ته ڪوئي به اڄ ڊاڪٽر بلوچ جيترو تحقيقي ڪم کي وقت ڏيندو هجي. هن چيو ته ڊاڪٽر بلوچ رني ڪوٽ تي گهرائيءَ سان لکيو ۽ ثابت ڪيو ته ٽالپرن ولي محمد لغاري جي نگرانيءَ ۾ قلعو تعمير ڪيو هو. سنڌي ٻولي اختياري جي چيئرمين ڊاڪٽر نور محمد جهنجهي چيو ته ڊاڪٽر اين اي بلوچ سنڌ جي ورثي، لغت نويسي، زبان ۽ مختلف ماڳن تي گهرائيءَ سان ڪم ڪيو ۽ پنهنجي تحقيق کي سامهون آندو. هن چيو ته هن حقيقت ۾ سنڌ کي ٻيهر جنم ڏنو هو. هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر بلوچ جو گهڻو ڪم يا ته انگريزي يا فارسيءَ ۾ آهي، تنهنڪري ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو کيس چڱي طرح سڃاڻين ٿا. هن چيو ته صرف ڪجهه عالمي سطح جي تحقيق سندس ڪم سان مطابقت رکي ٿي. هن چيو ته ڊاڪٽر اين اي بلوچ اسلامي تهذيب جي 100 عظيم ڪتابن جا خاڪا جمع ڪيا، جن کي يونيورسٽين جي نصاب جو حصو بڻائڻ ضروري آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجو ڊاڪٽر بلوچ کي استادن جي تعليم جو علمبردار قرار ڏيندي چيو ته هو ٽيچرز جي اعليٰ تعليم ۽ تربيت جو وڏو حامي هو. ڊاڪٽر بلوچ سنڌ جي لوڪ داستانن، ڳجهارتن ۽ قديمي ورثي جا مجموعا تيار ڪرڻ لاءِ سخت محنت کان ڪم ورتو. هن چيو ته هن سنڌو درياءَ جي پراڻي رستي جو سراغ لڳائڻ لاءِ به ڪوششون ورتيون. هن چيو ته سنڌ جو هڪ هيرو ته وفات ڪري ويو، پر ڊاڪٽر اين اي بلوچ جهڙو ليجينڊ ڪڏهن به ناهي مرڻو. هن عربي، فارسي، انگريزي ۽ اردوءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا، اهو ئي سبب آهي ته هو اڄ به اسان جي وچ ۾ موجود آهي. ڊاڪٽر اين اي بلوچ چيئر جي اعزازي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض لطيف چيو ته سنڌ کي ڊاڪٽر بلوچ جهڙي شخصيت نصيب ٿي، جنهن ڀٽائيءَ جي زندگي ۽ شاعريءَ تي ڪم ڪري رواداري واري پيغام کي عام ڪيو. هن چيو ته سنڌ جي نوجوانن وٽ هن عظيم انسان کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ گهربل حڪمت ۽ علم ناهي، تنهنڪري کين سندس ڪتاب پڙهڻ گهرجن. هن چيو ته ڊاڪٽر بلوچ وي سي شپ دوران سنڌ يونيورسٽيءَ جي بهتريءَ لاءِ ڪيترائي عملي قدم کنيا ۽ پنهنجي تحقيق ذريعي ثقافت ۽ سنڌ لاءِ بيمثال خدمتون سرانجام ڏنيون. ڊاڪٽر ريحانه نذير چيو ته پوري قوم کي ان ڳالهه تي فخر ڪرڻ گهرجي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ منجهانئن هڪ هو، ڇاڪاڻ ته هو هڪ عهد ساز شخصيت هو. ڊاڪٽر اسد جمال پلي چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي ٻولي، تاريخ ۽ ادب جي ٻين موضوعن تي گهڻو ڪم ڪيو، جڏهن ته هن ڪيترائي مقالا، مضمون ۽ مهاڳ پڻ لکيا ته جيئن سنڌي ادب وڌيڪ مالامال ٿئي. ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو چيو ته ڊاڪٽر بلوچ جي ڪتابن، مضمونن، مقالن ۽ ٻئي تحقيقي ڪم کي پڙهڻ گهرجي، جيڪي مختلف موضوعن تي لکيل آهن. هن چيو ته ڊاڪٽر اين اي بلوچ جا ڪتاب اسان جو اثاثو آهن. سيمينار کي ادريس جتوئي، نفيس احمد ناشاد، نصير مرزا، ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو، ثاقب ابڙو، ڊاڪٽر نواب ڪاڪا، عبدالقادر کٽي، محمد عارف بلوچ، ڊاڪٽر نور محمد شاهه، حافظ احمد الدين انڍڙ، ايڇ ايم چانڊيو، تاج جويو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ چيئر طرفان شايع ڪيل سندس ٻن ڪتاب “فردوس العارفين” ۽ ڊاڪٽر بلوچ جي 1949ع ۾ پيش ڪيل پي ايڇ ڊي ٿيسز “پاڪستان ۾ تعليم جو قومي نظام، مسئلا ۽ حل” جو مهورت پڻ ڪيو ويو. ان کان اڳ سيمينار جي شروعات شاهه عبدالطليف ڀٽائيءَ جي وائي “اکيون ميگهه ملهار” سان ڪئي ويئي، جيڪا ناليواري موسيقار ذوالفقار علي خان پيش ڪئي.