سنڌ يونيورسٽي ۾ نشي آور شين جي واهپي خلاف واڪ جو اهتمام، وائيس چانسلر پاران نامزد ڪيل انجنيئرنگ فيڪلٽي جي ڊين اڳواڻي ڪئي: استادن، آفيسرن، ملازمن ۽ شاگردن جي ڀرپور شرڪت

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽس افيئرز پاران غير قانوني ۽ نشي آور دوائن (ڊرگس) خلاف هڪ واڪ جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي وائيس چانسلر پاران نامزد ڪيل فيڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي ڪئي. واڪ سينٽرل لائبريري کان شروع ڪئي وئي، جيڪا انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس کان ٿيندي واپس سينٽرل لائبريري سامهون پهتي، جتي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي چيو ته غير قانوني ۽ نشي آور ڊرگس کان پاسو ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته نشي جي ڪري ماڻهو پنهنجون زندگيون وڃائي ويهن ٿا، جنهن سبب ڪيترائي گهر اجڙي وڃن ٿا. هن چيو ته سگريٽ، چرس ۽ آئيس سميت سموريون نشي آور شيون انساني صحت لاءِ انتهائي هاڃيڪار آهن. نشو واپرائڻ سان نه صرف ماڻهو انفرادي طور متاثر ٿئي ٿو پر ان جا سڄي معاشري تي اثر پون ٿا ۽ معاشري ۾ خرابي پکڙجي ٿي، جيڪا پوءِ وڌندي رهي ٿي. هن چيو ته شاگردن کي پنهنجي صحت جو خيال رکڻ گهرجي ۽ ڊرگس طرف لاڙو هرگز نه ڪرڻ گهرجي ته جيئن سندن زندگيون محفوظ رهي سگهن ۽ هڪ صحتمند معاشري جي جوڙجڪ يقيني بڻائي سگهجي. فيڪلٽي آف نيچرل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر وزير علي بلوچ چيو ته نوجوانن کي تعليم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن هو معاشري جا سٺا فرد بڻجي ملڪ جي خدمت ڪري سگهن. هن چيو ته مستقبل جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ اعليٰ تعليم سان گڏ پنهنجن لاڳاپيل شعبن ۾ مهارتون به حاصل ڪرڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته مستقبل ۾ روزگار لاءِ وڏا چئلينج پيدا ٿي سگهن ٿا ۽ چٽاڀيٽي وڌيڪ وڌي سگهي ٿي، جنهن لاءِ نوجوان تيار رهن ۽ نشي آور شين جي واهپي کان پاسو ڪن. هن چيو ته نشو تباهيءَ طرف وٺي وڃي ٿو، جڏهن ته اعليٰ تعليم، تحقيق ۽ مهارتون خوشحاليءَ طرف وٺي وينديون، ان تي نوجوانن کي سوچڻو پوندو ته مستقبل ۾ کين سندن تباهي کپي يا خوشحالي ۽ ترقي. هن چيو ته نشي آور شين کان پاسو ڪرڻ غنيمت آهي. سنڌ يونيورسٽي ميرپورخاص ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امام الدين کوسو چيو ته نشو واپرائيندڙن کان وڌيڪ غير قانوني ڊرگس جو ڪاروبار ڪرڻ وڏو جرم آهي، اهڙن واپارين خلاف قانون کي حرڪت ۾ اچڻ گهرجي. هن چيو ته نشي آور شيون انساني زندگيءَ کي اڏوهيءَ وانگر کائي تباهه ڪن ٿيون ۽ هُو اذيتناڪ زندگي گذاري وفات ڪري وڃن ٿا، تنهن ڪري پڙهيل لکيل نوجوانن کي پنهنجين زندگين جو تحفظ ڪرڻو پوندو. هن چيو ته نوجوان سگريٽ پيئڻ کان به پاسو ڪن، ڇاڪاڻ ته سگريٽ هر نشي جي جڙ آهي. ڪرمنالاجي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر نبي بخش ناريجي صلاح ڏني ته غير قانوني ڊرگس جي حوالي سان هڪ سبجيڪٽ يونيورسٽي  جي سمورن شعبن جي سليبس ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن نوجوانن کي اها ڄاڻ ملي سگهي ته نشي آور شين جو واهپو ڪيڏو نه خطرناڪ ۽ انساني زندگيءَ لاءِ هاڃيڪار آهي. هن چيو ته نشي جي واهپي جي شروعات نوجوان ميٽرڪ يا وري انٽرميڊئيٽ کان ڪن ٿا، ۽ پوءِ هو يونيورسٽي تائين اها عادت نٿا ڇڏين، نوجوانن تي والدين پاران چيڪ بئلينس ناهي هوندو، جنهن سبب هو بگڙن ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن والدين ٻارن تي ڪرڙي نظر رکن ته هو نشي آور شين جو واهپو نه ڪندا، جنهن بعد هو يونيورسٽي ۾ اچڻ وقت به انهن شين کان بچندا. سنڌ يونيورسٽي جي مئنيجر پريس سيد سجاد حسين شاهه چيو ته نشو هڪ لعنت آهي، جيڪو معاشري ۾ بگاڙ جو سبب بڻجي رهيو آهي. هن چيو ته نشي جي شروعات سگريٽ پيئڻ کان ٿئي ٿي، اهڙا نوجوان غلط صحبت ۾ ويهي سگريٽ پيئڻ شروع ڪن ٿا، جن تي والدين پاران سختي ناهي هوندي. هن چيو ته ننڍي عمر ۾ سگريٽ جا عادي اڳتي هلي چرس، شراب، آئيس، گٽڪو ۽ ٻي نشي جو واهپو ڪري ٿو، جنهن لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي حرڪت ۾ اچڻ گهرجي. ادب ۽ شاعريءَ سان چاهه رکندڙ ملازم محمد علي گهانگهرو چيو ته نوجوانن کي پنهنجي ۽ پنهنجن والدين جي زندگين جو سوچڻ گهرجي ۽ نشي جي واهپي کان پري ڀڄڻ گهرجي. هن چيو ته نشي آور شين جو واهپو نسلن کي تباهه ڪندو آهي، نشي کان بچڻ لاءِ نوجوانن کي سٺي صحبت اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ بري سنگت کان پري رهڻ گهرجي، تعليم، ادب ۽ ڪتابن سان چاهه رکڻ گهرجي. انسٽيٽيوٽ آف فزڪس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ چيو ته غيرقانوني ڊرگس جو ڪاروبار عام جام آهي، جيڪو معاشري لاءِ ناسور بڻيل آهي. هن چيو ته نوجوانن کي سڌي دڳ تي آڻڻ لاءِ نشي آور شين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان هڪ مضمون يونيورسٽي سطح تي پڙهائڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي اينٽي ڊرگس واڪ جو اهتمام ڪندڙ اسٽوڊنٽ افيئرز جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد يونس لغاري، اسٽوڊنٽس ويلفيئر آفيسر الهه وڌايو سهتو، ڊپٽي ڊائريڪٽر گرلز اسٽوڊنٽس افيئرس ڊاڪٽر نجمه نواز چنا، پاڪستان اسٽڊي سينٽر جو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر، بوائز هاسٽل جو پرووسٽ ڊاڪٽر پسند علي کوسو، ڊائريڪٽر اسٽيٽ رفيق علي بروهي، منظور علي پنهور، ڪاشف علي ناريجو، ذوالفقار علي رستماڻي کان سواءِ ٽيچرن، آفيسرن، ملازمن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.