سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ بيورو آف اسٽيگس پاران اي پي ايس پشاور جي شهيدن جي ياد ۾ تقريب، هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويئي: گڏيل دعا به گهري ويئي: آرمي پبلڪ اسڪول جي متاثرن کي زبردست ڀيٽا پيش

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ بيورو آف اسٽيگس پاران آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هڪ تقريب جو اهتمام آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ استادن، آفيسرن ۽ شاگردن شهيد ٻارن کي ياد ڪندي کين زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. تقريب جي شروعات ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ڪئي ويئي، جنهن بعد اي پي ايس پشاور جي ٻارڙن جي ياد ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويئي. ان موقعي تي آرمي پبلڪ اسڪول جي متاثرن جي مغفرت لاءِ گڏيل دعا پڻ ڪئي ويئي. تقريب ۾ ڳالهائيندي سنڌ يونيورسٽيءَ جي بيورو آف اسٽيگس جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر غزالا پنهور چيو ته شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون ۽ حڪومت جي ڪوششن سان ملڪ مان دهشتگردن جو انت آندو ويو آهي. هن چيو ته اڄوڪي تقريب جو مقصد شهيدن جي خاندانن کي اهو پيغام ڏيڻ هو ته قوم انهن سان گڏ آهي. ان موقعي تي فئڪلٽي آف آرٽس جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر سيد جاويد اقبال چيو ته پشاور دهشتگردي بعد ايندڙ نسلن کي بچائڻ لاءِ حڪومت پاران دهشتگردن خلاف فيصلائتو قدم کنيو ويو، جنهن ڪري ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي. هن چيو ته اي پي ايس واقعو خطرناڪ هو، جنهن ۾ معصوم ٻارڙن کي شهيد ڪيو ويو. اسٽوڊنٽس افيئرز جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد يونس لغاري چيو ته اي پي ايس واقعي دهشتگرديءَ خلاف قوم کي متحد ڪيو، جنهن سبب قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هٿياربند فوج جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته اي پي ايس حملو ملڪي تاريخ جي ڪارن بابن مان هڪ آهي، جنهن قوم کي متحد ڪيو آهي.تقريب ۾ انسٽيٽيوٽ آف فزڪس جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر، پبلڪ ايڊمنسٽريشن جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر نعمت الله شاهه، پوليٽيڪل سائنس شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر غلام اڪبر مهيسر، ڊاڪٽر احمد علي بروهي، الله وڌايو سهتو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.