سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر اين اي بلوچ جي 104 سالگرهه ملهائي ويئي. اديبن ۽ ڪٽنبن جي ڀاتين پاران مزار تي حاضري: اجتماعي دعا بعد جنم ڏهاڙي جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ نامياري عالم، محقق ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو 104 سالگرهه ملهائي وئي. ڊاڪٽر اين اي بلوچ چيئر پاران صبح جو ڊاڪٽر بلوچ جي مزار تي تقريب رکي ويئي، جتي چيئر جي اعزازي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض لطيف، نفيس احمد شيخ، تاج جويو، سليم الله صديقي، حافظ احمد الدين، ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر، ذوالفقار سيال، ڊاڪٽر الطاف جوکيو، ڊاڪٽر نواب ڪاڪا، عاجز رحمت الله لاشاري، محمد جمن ڀٽي، الهڏنو بروهي، ڊاڪٽر نبي بخش خان جي گهر ڀاتين علي محمد بلوچ، محمد رفيق بلوچ، ڊاڪٽر محمد فاروق بلوچ، محمد عارف بلوچ، محمد ظفر بلوچ، محمد فيصل بلوچ ۽ عزيز اختر لغاري مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ اجتماعي دعا پڻ گهري. بعد ۾ ڊاڪٽر اين اي بلوچ چيئر ۾ نامور محقق جي 104 سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. تقريب ۾ ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، ڊاڪٽر عرفان شيخ، ڊاڪٽر راجا الياس، مرتضيٰ سيال، اصغر سيال، سليم، نجف سومرو، نادر علي مغيري ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اديبن ۽ دانشورن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي شخصيت جي مختلف پهلوئن ۽ سندس علمي ادبي خدمتن تي روشني پڻ وڌي.