سنڌ يونيورسٽيءَ جي پاڪستان اسٽڊي سينٽر ۾ ٻن اسڪالرن پاران ايم فل جي فائنل سيمينارن ۾ ٿيسز جو ڪامياب دفاع

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي ٻن اسڪالرن ايم فل جي فائنل سيمينارن ۾ پنهنجي ٿيسز جو ڪامياب دفاع ڪيو. تفصيل موجب ايم فل اسڪالر سيد فتح محمد شاهه جو فائنل سيمينار پاڪستان اسٽيڊي جي علامه آءِ آءِ قاضي ڪانفرنس هال ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ هن پنهنجي ٿيسز جو ڪامياب دفاع ڪندي ايم فل ڊگري لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. سندس ٿيسز جو موضوع “ڄامشورو ڦاٽڪ تي ٽرئفڪ جي مسئلن جو تجزياتي جائزو” آهي. جڏهن ته سندس سپروائيزر پاڪستان اسٽيڊي سينٽر جو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر ۽ معاون سپروائيزر پوليٽيڪل سائنس شعبي جو پروفيسر ڊاڪٽر غلام اڪبر مهيسر آهن. ان موقعي تي اڪنامڪس شعبي جي پروفيسر ڊاڪٽر امبرين زيب خاصخيلي سوشل سائنسز جي ڊين طرفان سيمينار جي صدارت ڪئي. اهڙيءَ طرح هڪ ٻئي اسڪالر رفيق احمد سومرو به پنهنجي ايم فل جو فائنل سيمينار ڏنو، جنهن ۾ هن پڻ پنهنجي ٿيسز جو ڪامياب دفاع ڪيو. اسڪالر رفيق احمد سومرو جي مقالي جو عنوان “سنڌ جي ترقيءَ ۾ ڪلهوڙا حڪمرانن جو حصو (1701ع کان 1783ع تائين)” آهي، سندس سپروائيزر ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر آهي. هن سيمينار جي صدارت سوشل سائنسز جي ڊين پاران پوليٽيڪل سائنسز شعبي جي پروفيسر ڊاڪٽر غلام اڪبر مهيسر ڪئي.