سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رضاڪار شاگردن ۽ شاگردياڻين وچ ۾ چيڪ ورهائڻ جي تقريب، وائيس چانسلر چيڪ ورهايا: سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ زير تعليم شاگردياڻيون غير محفوظ ناهن، سندن هر سطح تي خيال رکيو پيو وڃي،

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ بيورو آف اسٽيگس پاران آرٽس فئڪلٽيءَ جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ چيڪ ورهائڻ واري تقريب منعقد ڪئي ويئي، جنهن ۾وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو يونيورسٽيءَ پاران ورتل پري انٽري ٽيسٽ 2022ع دوران رضاڪار طور فرض ادا ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي چيڪ ۽ تعريفي سرٽيفيڪٽ ڏنا. ان موقعي تي خطاب ڪندي وائيس چانسلر چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن لاءِ 14 کان وڌيڪ اسڪالرشپس جو بندوبست ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ڪيترن ئي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هر سال چيڪ ڏنا پيا وڃن ته جيئن سندن مالي امداد ٿي سگهي ۽ هو پنهنجي تعليم مڪمل ڪري سگهن. هن چيو ته اسڪالرشپ وارا چيڪ فوري طور ورهايا ويندا آهن ته جيئن خوشنصيب شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڪا دقت پيش اچي نه سگهي. هن چيو ته عمرڪوٽ، بدين، ٿرپارڪر ۽ ٻين پٺتي پيل ضلعن جا ٻار اسڪالرشپ مان وڌيڪ فائدو وٺي رهيا آهن. ڊاڪٽر ڪلهوڙو جو چوڻ هو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم ۽ تحقيق لاءِ ايندڙ نوجوانن کي وڌ کان وڌ ٻوليون سکڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته جنهن کي گهڻيون ٻوليون اچن ته اهو سمجهيو ويندو آهي ته وٽس اضافي تعليم آهي. هن چيو ته سنڌيءَ کان سواءِ اردو، انگريزي ضرور اچڻ گهرجي ۽ عالمي ٻولين لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايريا اسٽڊي سينٽر ۾ چيني ۽ جاپاني ٻوليون سيکاريون پيون وڃن، جتي نوجوان داخلا وٺن، وائيس چانسلر جو چوڻ هو ته اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته جيڪي شاگردياڻيون سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ اچن ٿيون، اهي هتي غير محفوظ آهن، پر ائين هرگز ناهي. شاگردياڻيون اسان جي امانت آهن، جن جو هر سطح تي خيال رکيو پيو وڃي ۽ سڄو نظام ساڻن گڏ آهي. وائيس چانسلر چيو ته شاگردياڻين جي تحفظ لاءِ اينٽي هراسمينٽ سيل به فعال نموني ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته عدالت جي حڪم تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ريسڪيو سينٽر پڻ قائم ٿيل آهي، جتي شڪايت جي صورت ۾ شاگردياڻيون اچي سگهن ٿيون، سندن نالا راز ۾ رکيا ويندا. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جون ڪيتريون ئي ليڊي پروفيسرز ٻارهين ملڪن مان پي ايڇ ڊي ڪري آيون، پي ايڇ ڊي ڪرڻ وقت تحفظ لاءِ کين گارڊ فراهم ڪيا ويا هئا ته جواب ۾ نه ايندو. هن چيو ته شاگردياڻيون سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ بلڪل محفوظ آهن ۽ کين خوشگوار تعليمي ماحول فراهم ڪيو ويو آهي، اهو ئي سبب آهي ته تقريبن هر شعبي ۾ هر سال شاگردياڻيون پوزيشنون ٻهاري وڃن ٿيون. ڊاڪٽر ڪلهورو شاگردياڻين کي يقين ڏياريو ته هو ساڻن گڏ آهي، کين گهٻرائڻ جي قطعي ضرورت ناهي ۽ ڪنهن به خوف ۽ خطري بنا کين ڪئمپس طرف اچ وڃ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جن به والدين سنڌ يونيورسٽيءَ تي اعتماد ڪندي پنهنجون نياڻيون اعليٰ تعليم لاءِ موڪليون آهن، انهن جي اعتماد تي پورو لهڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن. تقريب ۾ بيورو آف اسٽيگس جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر غزالا پنهور، ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مبارڪ علي لاشاري، ڊاڪٽر اڪرم انصاري، ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو، ڊاڪٽر محمد يونس لغاري، ڊاڪٽر وسيم ملڪ، اجويد ڀٽي، ڊاڪٽر ناهيد آرائين، ڊاڪٽر نجمه چنا، ڪاشف علي ناريجو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.