سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران آن لائين بوڪ شاپ قائم، وائيس چانسلر افتتاح ڪيو

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران آن لائين بوڪ شاپ جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، جنهن جو افتتاح وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ڪيو. افتتاح بعد سنڌالاجي پاران ڇپايل ڪتاب آن لائين آرڊر ڏيئي ملڪ ۾ ڪٿي به گهرائي سگهجن ٿا. آن لائين بوڪ شاپ جي افتتاح کان پوءِ وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر غلام مرتضيٰ سيال، ڊاڪٽر وحيد جتوئي، ليوپرڊ ڪوريئر سروس جي زونل هيڊ سجاد مقبول مشوري ۽ ٻين عملدارن سان گڏ بوڪ شاپ جو دورو پڻ ڪيو ۽ اتي رکيل ڪتابن کي دلچپسيءَ سان ڏٺو. وائيس چانسلر بوڪ شاپ ڀرسان واقع ڪتابن جي گودام جو به معائنو ڪيو ۽ چيو ته ڪوشش ڪري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جا ڇپيل ڪتاب لائبررين ۽ علم دوست ماڻهن کي وڪرو ڪيا وڃن ته جيئن انهن شاندار ڪتابن مان ادبي ذوق رکندڙ ماڻهو لاڀ پرائي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌالاجي طرفان مستقبل ۾ جيڪي به ڪتاب ڇپرايا وڃن، اهي چونڊ ڪتاب هجن ۽ ڇپائيءَ لاءِ ميرٽ تي لهندڙ معلومات ڪتابن کي ڇاپيو وڃي. هن چيو ته سنڌالاجيءَ ۾ ذخيرو ٿيل معلوماتي ڪتاب وڪرو ڪيا وڃن ته جيئن ماڻهن کي فائدو ٿي سگهي. ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر غلام مرتضيٰ سيال چيو ته آن لائين شاپ مان ڪتابن جي خريداري نهايت آسان بڻائي ويئي آهي. پڙهندڙ انسٽيٽيوٽ جي فيس بوڪ پيج يا واٽس نمبر ذريعي آن لائين فارم ڀري ڪتاب گهرائي سگهن ٿا، جڏهن ته رقم ليوپرڊ ڪوريئر سروس ذريعي ڪتاب پهچڻ وقت ادا ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ لڳل ميلي ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران ڪتابي اسٽال لڳايو ويو، جڏهن ته سنڌي ادبي بورڊ ۾ ٿيل ٽن ڏينهن واري تعليمي ميلي ۾ پڻ اسٽال لڳايو ويو، جتي اداري پاران ڇپايل ڪتابن ۾ ماڻهن دلچسپي ورتي ۽ ڪافي ڪتاب خريد ڪيا. هن چيو ته آن لائين بوڪ فيئر کان پوءِ آن لائين گفٽ شاپ پڻ شروع ڪيو ويندو، جنهن ذريعي سنڌي ثقافت سان واڳيل شوپيس ڪوريئر سروس ذريعي آرڊر ڏيندڙ ماڻهن تائين پهچايا ويندا. غلام مرتضيٰ سيال وڌيڪ چيو ته انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ قيمتي ڪتابن جو ذخيرو موجود آهي، جن کي وڪرو ڪري اهل ذوق ماڻهن تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته ڪوريئر وارن سان مفاهمت واري يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ٿيون آهن، جنهن تحت ليوپرڊ ڪوريئر سروس پاران انتهائي گهٽ چارجز تي ڪتاب آرڊر ڏياريندڙ تائين پهچايا ويندا. وائيس چانسلر بعد ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي لان ۾ هڪ ٻوٽو پوکي بهار جي موسم جو استقبال ڪيو.