سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مختلف شعبن جي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي اسڪالرن جا سيمينار، ريسرچ پروپوزل ۽ ٿيسز جو ڪامياب دفاع، آءِ بي اي جي ٽن اسڪالرن جا سيمينار 17 ۽ 21 فيبروري تي ٿيندا

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ مختلف شعبن جي اسڪالرن جا ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي سيمينار منعقد ٿيا، جنهن ۾ هنن ڪاميابيءَ سان پنهنجي ريسرچ پروپوزل توڙي ٿيسز جو ڪامياب دفاع ڪيو. تفصيل موجب انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس جي ايم فل اسڪالر ولي محمد جتوئيءَ فائنل سيمينار ڏنو، جنهن ۾ هن پنهنجي سپروائيزر پروفيسر ڊاڪٽر امتياز علي ڪوريجو جي موجودگيءَ ۾ پنهنجي ايم فل ٿيسز جو ڪامياب دفاع ڪيو، جنهن کي نيچرل سائنسز فئڪلٽيءَ جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر وزير علي بلوچ پاران ڪامياب قرار ڏنو ويو. سيمينار نيچرل سائنسز فئڪلٽيءَ جي ڊن آفيس ۾ واقع وڊيو ڪانفرنس روم ۾ منعقد ٿيو. پاڪستان اسٽڊي سينٽر ۾ ٽن اسڪالرن مير مرتضيٰ ڀٽو، عابد حسين کوکر ۽ شبير احمد مغيري جا ايم فل سيمينار ٿيا، جن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. ان موقعي تي اسڪالرن جا سپروائيزر پروفيسر ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر ۽ پروفيسر ڊاڪٽر فرزانه بلوچ موجود هئا. ٽنهي سيمينارن جي صدارت سوشل سائسنز فئڪلٽيءَ جي ڊين پاران نامزد ڪيل پوليٽيڪل سائنس جي پروفيسر ڊاڪٽر غلام اڪبر مهيسر ڪئي ۽ ٽنهي اميدوارن کي ڀرپور دفاع تي ڪامياب قرار ڏنو. هوڏانهن آءِ بي اي ۾ هڪ ايم فل ۽ ٻن پي ايڇ ڊي اسڪالرن جا سيمينار 17 ۽ 21 فيبروري تي منعقد ٿيندا. ايم فل اسڪالر سعديه سعيد قائمخاني 17 فيبروري تي هڪ بجي آءِ بي اي ۾ پنهنجو پهريون سيمينار ڏنو. سندس سپروائيزر پروفيسر ڊاڪٽر صائمه ڪامران پٺاڻ ۽ ڪو سپروائيزر پروفيسر ڊاڪٽر نظام الدين چنو آهن. پي ايڇ ڊي اسڪالر عبدالقادر پنهنجو پهريون سيمينار 21 فيبروري تي آءِ بي اي ۾ ڏيندو. سندس سپروائيزر پروفيسر ڊاڪٽر سيد عبدالستار شاهه ۽ ڪو سپروائيزر ڊاڪٽر سيد ڪريم بخش شاهه آهن. اهڙيءَ طرح پي ايڇ ڊي اسڪالر محب الله عباسي پنهنجو ٻيو سيمينار 17 فيبروري تي آءِ بي اي ۾ ڏيندو. سندس سپروائيزر پروفيسر عبدالستار شاهه ۽ ڪو سپروائيزر ڊاڪٽر فرحان زيب خاصخيلي آهن، جڏهن ته ٽنهي سيمينارن جي صدارت فئڪلٽي آف ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو ڪندو.