سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ صوبائي زڪوات کاتي تحت نيڊ ڪم اسڪالرشپ جا چيڪ ورهايا ويا،

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ صوبائي کاتي جي اوقاف، رليجيس افيئرز اينڊ عشر ڊپارٽمينٽ طرفان نيڊ ڪم اسڪالرشپ جي مد ۾ جاري ڪيل هڪ ڪروڙ 12 لک 43 هزار رپيا 233 ضرورتمند شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ورهايا ويا. ان سلسلي ۾ وي سي سيڪريٽريٽ جي سينيٽ هال ۾ هڪ تقريب ٿي، جنهن دوران وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ۽ ڄامشورو جي ضلعي زڪوات چيئرمين محمد صالح راهپوٽو اهل اميدوارن کي 48-48 هزار رپين جا چيڪ ڏنا. پهريون ڀيرو بيچلرز ۽ ماسٽرز ۾ زير تعليم شاگردن کان علاوه ايم فل جي اسڪالرن کي به اسڪالرشپ جا 15 سلاٽ ڏنا ويا. تقريب ۾ استقبالي خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽيءَ جي اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق احمد ڄاريڪو ٻڌايو ته زڪوات کاتي پاران مالي سال 22-2021ع لاءِ هڪ ڪروڙ 12 لک 43 هزار رپين جي رقم جاري ڪئي ويئي، جنهن لاءِ 64 ايم فل اسڪالرن سميت مجموعي طور 2200 درخواستون موصول ٿيون، جن مان 300 اهل شاگردن ۽ شاگردياڻين جي چونڊ ڪئي ويئي آهي. هن ٻڌايو ته سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي مجموعي طور 1260 درخواستن مان 233، بدين ڪئمپس جي 29 درخواست مان 9، دادو ڪئمپس جي 91 درخواستن مان 10، لاڙڪاڻو ڪئمپس جي 27 درخواستن مان 8، ميرپورخاص ڪئمپس جي 31 درخواستن مان 6، ٺٽو ڪئمپس جي 18 درخواستن مان 9 ۽ نوشهروفيروز ڪئمپس جي 24 درخواستن مان 7 شاگردن ۽ شاگردياڻين جي چونڊ ڪئي ويئي آهي. تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا ماهوار پگهارن لاءِ فنڊن جي شديد کوٽ هئڻ باوجود شاگردن لاءِ آيل پئسا استعمال نه ڪيا ۽ اهي شاگردن تائين پهچايا پيا وڃن. هن چيو ته سيلف فنانس تحت پڙهندڙ اهڙا شاگرد ۽ شاگردياڻيون جن کي ڪنهن به سبب جي ڪري اوچتو ڪا مالي مشڪلات درپيش اچي ته انهن جي فيس ڀرڻ لاءِ ٽيچرز پاران فنڊ قائم ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ انٽرويوز به ٽيچرز ڪميونٽي جي چونڊيل ڪميٽي ڪندي. هن چيو ته مختلف مخير حضرات به سنڌ يونيورسٽيءَ تي اعتماد ڪندي غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين جون فيون ڀرڻ شروع ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس جي ڊائريڪٽر ڪوششون ورتيون. ان موقعي تي ضلعي زڪوات چيئرمين محمد صالح راهپوٽو چيو ته کيس خوشي ٿي آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جا 700 استاد شاگردن جي سهائتا لاءِ هر مهيني 300 رپيا پنهنجي پگهار مان ڪٽرائين ٿا. هن اعلان ڪيو ته انهن سڀني استادن پاران ماهوار جمع ڪرائي ويندڙ عطيي جي رقم 6 مهينن اندر جيتري به ٿيندي، هو پڻ هر 6 مهينن اندر اوتري رقم پنهنجي کيسي مان جاري ڪندو ۽ اهو عمل تاحيات جاري رهندو. تقريب ۾ پاڪستان اسٽڊي سينٽر جو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر، ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرز ڊاڪٽر محمد يونس لغاري، ڊپٽي ڊائريڪٽر گرلز اسٽوڊنٽس افيئرز ڊاڪٽر نجمه چنا، اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس جو ايڊمن آفيسر قمر نانگراج، وائيس چانسلر جو ايگزيڪيوٽو سيڪريٽري جانِ عالم سولنگي، رافع ميمڻ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.