سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان آگاهي واڪ جو اهتمام، ملڪ ۾ رونما ٿيندڙ ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ گرميءَ جي شدت گهٽائڻ لاءِ وڻڪاري ڪرڻ جي ضرورت تي زو

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي گرين يوٿ موومينٽ ڪلب ۽ ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽس افيئرز پاران ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان هڪ آگاهي واڪ جو اهتمام ڪيو ويو. ان موقعي تي ماهرن ملڪ ۾ رونما ٿيندڙ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ گرمي جي شدت گهٽائڻ لاءِ وڻڪاري ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. آگاهي واڪ سنڌ يونيورسٽي جي علامه آءِ آءِ قاضي سينٽرل لائبريريءَ کان انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس تائين منعقد ڪئي وئي، جنهن جي قيادت نيچرل فيڪلٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر وزير علي بلوچ، فيڪلٽي آف فارميسي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر خالده فريال عالماڻي، فيڪلٽي آف سوشل سائنس جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو، ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرز ڊاڪٽر محمد يونس لغاري ۽ ٻين ڪئي. آگاهي واڪ انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس ٻاهران پهچڻ تي ميڙاڪي ۾ تبديل ٿي وئي، جتي خطاب ڪندي ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرز ۽ ماحولياتي ماهر محمد يونس لغاريءَ چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت موسمياتي تبديلين جهڙو وڏو چئلينج درپيش آهي، جنهن سان منهن ڏيڻ جو واحد حل وڌ کان وڌ ٻوٽا لڳائڻ آهي. هن چيو ته سنڌ سميت ملڪ ۾ ٻيلن مان وڻن کي ڪٽي ٻيلا ختم ڪيا پيا وڃن، جنهن سبب گرميءَ ۾ هر سال واڌ ٿي رهي آهي. هن خدشو ظاهر ڪيو ته جيڪڏهن ٻيلن جي ڪٽائي جو سلسلو نه رڪيو ته مستقبل قريب ۾ هن ڌرتيءَ تي رهڻ مشڪل ٿي ويندو ۽ گرميءَ جي سٽ نه سهي سگهنداسين. هن وڌيڪ چيو ته ٻيلا ڪٽجي وڃڻ ۽ وڻڪاري نه ٿيڻ سبب برساتون به نه پئجي رهيون آهن، جنهن ڪري موسم وڌيڪ گرم ٿيندي پيئي وڃي. نيچرل سائنس فيڪلٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر وزير علي بلوچ چيو ته مئي مهيني ۾ سنڌ ۾ گرميءَ جي جيڪا لهر آئي، ان جو ڪارڻ وڻن جي واڍي ۽ ٻيلن جو ختم ٿيڻ آهي. هن چيو ته اسان کي وڻڪاريءَ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو، جنهن جي شروعات پنهنجي گهرن کان ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته گهرن ۾ وڻ پوکڻ بعد پنهنجي گهٽيءَ ۽ پوءِ سڄي علائقي ۾ وڻ پوکڻ گهرجن. هن چيو ته ماحولياتي مسئلو صرف پاڪستان جو ناهي پر اهو سڄي دنيا جو مسئلو آهي، تنهن ڪري گڏيل قومن کي ان سلسلي ۾ موثر ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. فيڪلٽي آف سوشل سائنس جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي گرين يوٿ موومينٽ ڪلب ۽ ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽس افيئرز پاران ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان سجاڳي واڪ منعقد ڪرڻ سٺو سنئوڻ آهي، ان جا معاشري تي هاڪاري اثر پوندا. هن چيو ته نوجوانن، عورتن، ٻارن، پڪن توڙي پوڙهن کي ماحوليات سبب صحت تي پوندڙ اثرن کان آگاهه ڪرڻو پوندو ۽ کين ٻڌائڻو پوندو ته ايندڙ نسلن جي بقا وڻڪاريءَ ۾ آهي، تنهن ڪري جتي به موقعو ملي وڻ پوکيا وڃن. هن چيو ته وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي ويزن تحت سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڪئمپس کي صاف سٿرو ۽ سرسبز رکڻ لاءِ جلد وڻڪاري جي مهم شروع ڪئي ويندي. تقريب ۾ اسٽوڊنٽس ويلفيئر آفيسر الله وڌايو سهتو، ، ڊپٽي ڊائريڪٽر گرلز اسٽوڊنٽ افيئرز ڊاڪٽر نجمه نواز چنا، ڊپارٽمينٽ آف فريش واٽر بائلاجي اينڊ فشريز جي چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر خالد حسين لاشاري، آرٽس فيڪلٽي بلڊنگ جي انچارج ڊاڪٽر سڪندر علي سومرو، انجنيئر سجاد حسين شاهه، ڊاڪٽر احمد علي بروهي، ڊاڪٽر سجومل، منظور علي پنهور، ڊاڪٽر امان الله مهر، ڊاڪٽر شيراز شيخ، ڪاشف علي ناريجو، پروفيسر ڊاڪٽر شهاب الدين مغل، ڊاڪٽر رياض احمد راڄپر، عبدالغفار ڀٽي، عبدالحڪيم، ثاقب علي، عزير تنيو، اشفاق احمد، فاطمه علي، نمره علي، ڪشف الدجاء، صائمه شيخ، گرين يوٿ موومينٽ ڪلب جي نائب صدر ڪاشف جمالي، ڪميونيڪيشن ليڊر مهدي سومرو ۽ ٻيا ڪيترائي استاد، اسڪالر، شاگرد ۽ شاگردياڻيون ريلي ۾ شريڪ ٿيا.