سنڌ يونيورسٽي پاران جشن آزادي ڀرپور قومي جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جو اعلان، بيورو آف اسٽيگس پاران تياريون مڪمل،

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ملڪ جي آزاديءَ واري ڏهاڙي 14 آگسٽ کي ڀرپور قومي جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ بيورو آف اسٽيگس پاران تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. جشن آزاديءَ جي تقريب سنڌ يونيورسٽيءَ جي حيدر بخش جتوئي پويلين تي صبح جو 7 لڳي 20 منٽن تي شروع ٿيندي، جنهن جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ڪندو. تقريب دوران اسلام آباد ۾ رٿيل قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري عين وقت تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ به قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويندو. جڏهن ته ساڳئي وقت تي يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سمورن ڪئمپسز توڙي ڊاڪٽر اين اي بلوچ ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ پڻ جهنڊو ڦڙڪائي تقريبون شروع ڪيون وينديون. بيورو آف اسٽيگس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غزالا پنهور سنڌ يونيورسٽيءَ جي سمورن استادن، آفيسرن، ملازمن ۽ شاگردن توڙي شاگردياڻين کي جشن آزاديءَ جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي. هوڏانهن ميڊيا جي نمائندن کي پڻ تقريب جي ڀرپور ڪوريج جي دعوت ڏني ويئي آهي. ٻئي طرف رجسٽرار غلام محمد ڀٽو پاران پڻ جشن آزاديءَ جي تقريب ڀرپور نموني ملهائڻ جي سلسلي ۾ سرڪيولر جاري ڪيو ويو آهي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 08/12/2022
Announcements
1024 x 768
SU issues point bus route plan for October 4 entry test
View Details → 09/28/2026
1024 x 768
University of Sindh to Hold Pre-Entry Test on October 4; VC Reviews Arrangements
View Details → 09/25/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ۾ پهريون مارئي گرلز هاسٽل انٽرپرينØ...
View Details → 09/24/2026