سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 2 هزار شاگردياڻيون گرلز ۽ 3 هزار شاگرد بوائز هاسٽلن ۾ رهن ٿا، مالي دٻاءَ سبب هاسٽلون بند ڪجن ته 2 هزار شاگردياڻين جي اعليٰ تعليم متاثر ٿيندي

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 2 هزار کان وڌيڪ شاگردياڻيون گرلز ۽ 3 هزار شاگرد بوائز ۽ هاسٽلن ۾ رهن ٿا، جيڪڏهن صوبي جي ٻين يونيورسٽين وانگر مالي ٻوجهه گهٽائڻ لاءِ هاسٽلون ختم ڪجن ته سنڌ جي ٻهراڙيءَ سان تعلق رکندڙ ٻه هزار شاگردياڻيون اعليٰ تعليم کان محروم ٿي سگهن ٿيون. سنڌ يونيورسٽيءَ جي مختلف 61 تعليمي شعبن ۾ زير تعليم شاگردن مان هر سال 50 سيڪڙو پوزيشنون هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگردياڻيون حاصل ڪن ٿيون، جنهن جو ڪارڻ کين هاسٽلن ۾ بهترين ماحول جي فراهمي آهي. وفاقي حڪومت پاران احساس اسڪالر شپ تحت مليل 32 ڪروڙ رپيا مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ورهائي چڪا آهيون، وڌيڪ 16 ڪروڙ رپيا جاري ٿيا آهن، جيڪي يونيورسٽي کُلندي ئي شاگردن ۾ ورهايا ويندا. اهڙو اظهار هن ڪالهه هتي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمنٽ ڪراچيءَ ۾ 34 هون مڊٽرم مئنيجمينٽ ڪورس ڪندڙ مختلف 6 گروپن جي 18هين گريڊ جي 44 آفيسرن پاران سنڌ يونيورسٽيءَ جي دوري جي موقعي تي کين خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ ڪراچيءَ جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر لبنيٰ ايوب پڻ موجود هئي، جڏهن ته يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو، پرو وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ، ڊينز ۽ ٻيا تدريسي توڙي انتظامي سربراهه پڻ موجود هئا. وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪلهوڙو چيو ته وفاقي حڪومت کان پوءِ سنڌ حڪومت ۽ سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران به گذريل ٻن سالن کان اسڪالرشپس ملي رهيون آهن، جيڪي ميرٽ تي شاگردن ۽ شاگردياڻيون کي ڏنيون پيون وڃن. هن چيو ته وي سي طور پنهنجي ڏيڍ سالن جي دؤر ۾ هن داخلائن جي نظام کي آن لائين ڪيو ۽ فنانس ونگ کي ڪمپيوٽرائيزڊ بڻايو، جنهن سبب مالي ليڪيجز بند ٿي ويون. ڊاڪٽر ڪلهوڙو نيشنل انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ ڪراچي جي ڊائريڪٽر جنرل لبنيٰ ايوب کي مخاطب ٿيندي چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي آفيسرن کي به سول سرونٽس سان گڏ تربيت ڏيڻ جو بندوبست ڪيو وڃي، جنهن سان آفيسرن جي ورڪنگ بهتر ٿيندي. يونيورسٽيءَ جي رينڪنگ تي ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور يا پنجاب يونيورسٽي لاهور کي آڪسفورڊ يا ڪئمبرج يونيورسٽين سان ته نٿو ڀيٽي سگهجي، پر ملڪ جا اعليٰ تعليمي ادارا پنهنجي پنهنجي حيثيت ۾ بهترين تعليم فراهم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي تحقيق جي ميدان ۾ پاڻ ملهائي رهي آهي ۽ اسان جا محقق پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ بهترين ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٻهراڙيءَ سان تعلق رکندڙ غريبن جا ٻار پڙهڻ اچن ٿا، جن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهيا آهيون. وائيس چانسلر چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پنجاب، ڪي پي ڪي، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ پوليس توڙي فوج جي شهيدن لاءِ ڪوٽا موجود آهي، جتان جي نوجوانن کي هتي ضرور داخلا وٺڻ گهرجي. هن ان موقعي تي آغا خان ۽ فيڊرل بورڊن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي تعليمي بورڊن جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر قرار ڏنو ۽ چيو ته آغا خان ۽ فيڊرل بورڊن مان اميرن جا اهي ٻارن امتحان ڏين ٿا، جن جي تعليم وڏن شهرن جي مهانگن اسڪولن ۾ پرايل هوندي آهي. انهن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارن سان نٿي ٺهي. تنهن هوندي به، سرڪاري اسڪولن جا ٻار ڪنهن به ريت گهٽ ناهن. سنڌ ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ به استاد محنت ڪرائين ٿا. ان موقعي تي ڊاڪٽر لبنيٰ ايوب گرميءَ جوشيءَ سان ڀليڪار ڪرڻ تي وائيس چانسلر جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته نيشنل انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ ڪراچي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي آفيسرن کي به سول سرونٽس سان گڏ تربيت ڏياري ويندي. تقريب جي ميزباني ڊاڪٽر غلام اڪبر مهيسر ڪئي ۽ آخر ۾ عمران قريشي انسٽيٽيوٽ طرفان ٿورا مڃيا.