سنڌ يونيورسٽيءَ پاران لاڳاپيل ڪاليجن ۾ ايل ايل بي (آنرس)، بي بي اي ۽ اي ڊي اِي جي ٻئي سيمسٽر جي امتحانن 2021ع لاءِ فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 5 سيپٽمبر 2022ع تائين واڌ جو اعلان

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقيءَ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سرڪاري ۽ نجي ڪاليجن ۾ ايل ايل بي (آنرس)، بي بي اي (آنرس) ۽ اي ڊي اِي /بي ايڊ (آنرس) ريگيولر ۽ فيليوئر جي ٻئي سيمسٽر جي امتحانن 2021ع لاءِ فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 5 سيپٽمبر 2022ع تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ جاري ڪيل پنهنجي هڪ پڌرائيءَ ۾ سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر ڄاڻايو ته ليٽ فيءَ کان سواءِ ڄاڻايل امتحانن جو فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جي تاريخ 30 آگسٽ مقرر ٿيل هئي، جنهن ۾ 5 سيپٽمبر تائين واڌ ڪئي ويئي آهي. پڌرائيءَ موجب 6 سيپٽمبر کان 9 سيپٽمبر 2022ع تائين 5 هزار رپيا ليٽ فيءَ سان فارم جمع ڪرائي سگهبو. پڌرائيءَ موجب سمورن ڪاليجن ۽ انسٽيٽيوٽس جا پرنسپالز شاگردن پاران ڀرايل فارم 13 سيپٽمبر 2022ع کان اڳ ڪنٽرولر آفيس ۾ جمع ڪرائين ته جيئن امتحان وقت سر وٺي سگهجي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 08/30/2022
Announcements
1024 x 768
Trade Development Authority of Pakistan (TDAP) has announced an Internship Program
View Details → 07/13/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي سرڪاري دوري تي...
View Details → 07/08/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سرڪاري توڙي نجي ڪالي...
View Details → 07/08/2026