سنڌ يونيورسٽي پاران ٻوڏ متاثرن لاءِ لڳايل رليف ڪئمپ ۾ چندو گڏ ڪرڻ جي باضابطا شروعات، عطيي لاءِ بئنڪ اڪائونٽ به جاري، وائيس چانسلر پاران ڪئمپ جو دورو، سرنديءَ وارن ماڻهن ۽ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌ يونيورسٽيءَ جي گريجوئيٽس کي ڀرپور امداد جي اپيل

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران ٻوڏ متاثرن جي سهائتا لاءِ لڳايل رليف ڪئمپ ۾ چندو گڏ ڪرڻ جي باضابطا شروعات ڪئي ويئي آهي، جڏهن ته ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ توڙي دنيا ۾ ڪٿي به رهندڙ سرنديءَ وارن توڙي سنڌ يونيورسٽيءَ جي گريجوئيٽس پاران چندو موڪلڻ لاءِ بئنڪ اڪائونٽ پڻ جاري ڪيو ويو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي مک گذر گاهه جي پاسي ۾ لڳايل رليف ڪئمپ ۾ سرنديءَ وارن ماڻهن کي چندو ڏيڻ جي اپيل ڪئي ويئي آهي. رليف ڪئمپ ۾ ماڻهن طرفان روڪ رقم، کاڌ خوراڪ جون شيون، راشن جون ٿيلهيون، لٽا ڪپڙا، خيما ۽ ٻيون شيون ٻوڏ متاثرن جي واهر لاءِ عطيي ۾ ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ۽ رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو رليف ڪئمپ جو دورو ڪيو ۽ اتي ٿيل انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ٻوڏ متاثرن جي جلد کان جلد بحالي ۽ قدرتي آفتن کان بچڻ لاءِ اجتماعي دعا پڻ گهري ويئي. وائيس چانسلر جو چوڻ هو ته چوماسي جي برساتن ۽ ٻوڏ سنڌ ۾ تباهي آندي آهي، جنهن جو فوري طور ڪاٿو لڳائڻ ممڪن ناهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ جي ور چڙهيل متاثرن کي ريسڪيو ڪرڻ سان گڏ کاڌي پيتي جون شيون ۽ خيما وغيرہ فراهم ڪري رهي آهي، پر بحاليءَ ۾ اڃا وقت لڳندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوششن ۾ سنڌ يونيورسٽي ڀرپور ساٿ ڏيندي. ان موقعي تي يونيورسٽيءَ جي سامهون ترسيل ٻوڏ متاثرن وائيس چانسيلر کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ جو چيو، جنهن تي وائيس چانسلر لاڳاپيل عملي کي يونيورسٽيءَ جي ٽريڪٽرن ذريعي کين فوري طور پاڻي مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي رليف ڪئمپ جي دوري دوران فئڪلٽي آف نيچرل سائنسز جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر وزير علي بلوچ، فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جو ڊين ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي، فئڪلٽي آف فارميسي جي ڊين ڊاڪٽر خالده فريال عالماڻي، فئڪلٽي آف اسلامڪ اسٽڊيز جو ڊين ڊاڪٽر حافظ منير احمد خان، فئڪلٽي آف سوشل سائنسز جو ڊين ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو، نوشهروفيروز ڪئمپس جو فوڪل پرسن ڊاڪٽر آغا اسد نور، سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر غلام مرتضيٰ سيال، پاڪستان اسٽڊي سينٽر جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر، آءِ ٽي سروسز سينٽر جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ذيشان احمد ڀٽي، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر غلام شبير عباسي، ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرز ڊاڪٽر محمد يونس لغاري، ڊائريڪٽر اسپورٽس اجويد احمد ڀٽي، ڊپٽي ڊائريڪٽر گرلز اسٽوڊنٽس افيئرز ڊاڪٽر نجمه چنا، بيورو آف اسٽيگس جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مبارڪ علي لاشاري، مئنيجر پريس سجاد حسين شاهه، منظور علي پنهور، سڪندر علي سومرو، ڪاشف علي ناريجو، ميهر علي قاضي، ڊاڪٽر ذوالفقار زيدي، محمد علي گهانگهرو، ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو، ڊاڪٽر رفيق احمد لاشاري، احمد علي ڪنڀار، ذوالفقار علي رستماڻي، آصف علي جمالي، ڊاڪٽر سجو مل ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.