سنڌ يونيورسٽي ءَ سان لاڳاپيل نجي توڙي سرڪاري ڪاليجن ۾ مختلف ڊگري پروگرامز جا امتحاني فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ جو اعلان

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران لاڳاپيل مختلف سرڪاري ۽ نجي ڪاليجن ۾ رٿيل مختلف سالياني ۽ سيمسٽر امتحانن لاءِ فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخن ۾ واڌ ڪئي ويئي آهي. ان سلسلي ۾ سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر پروفيسر ڊاڪٽر سراج الحق ڪانڌڙو ڄاڻايو آھي تھ اي ڊي (آرٽس) ايڪسٽرنل پروگرام، اي ڊي آرٽس، ڪامرس، سائنس ۽ ھوم اڪنامڪس حصو پھريون، ايم ڪام، ايم ايس سي، ايم اي پريويس ۽ فائنل (پوسٽ گريجوئيٽ ريگيولر پروگرام) جي سالياني امتحان 2020ع جا فارم 2000 رپيا ليٽ فيءَ سان گڏ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 20 سيپٽمبر 2022ع تائين واڌ ڪئي ويئي آھي. ٻئي طرف سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقيءَ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سرڪاري ۽ نجي ڪاليجن ۾ ايل ايل بي (آنرس)، بي بي اي (آنرس) ۽ اي ڊي اِي /بي ايڊ (آنرس) ريگيولر ۽ فيليوئر جي ٻئي سيمسٽر جي امتحانن 2021ع لاءِ فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 19 سيپٽمبر 2022ع تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ جاري ڪيل پنهنجي هڪ پڌرائيءَ ۾ سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر ڄاڻايو ته ليٽ فيءَ کان سواءِ ڄاڻايل امتحانن جو فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جي تاريخ 5 سيپٽمبر مقرر ٿيل هئي، جنهن ۾ 19 سيپٽمبر تائين واڌ ڪئي ويئي آهي. پڌرائيءَ موجب 20 کان 23 سيپٽمبر 2022ع تائين 5 هزار رپيا ليٽ فيءَ سان فارم جمع ڪرائي سگهبو. پڌرائيءَ موجب سمورن ڪاليجن ۽ انسٽيٽيوٽس جا پرنسپالز شاگردن پاران ڀرايل فارم 26 سيپٽمبر 2022ع کان اڳ ڪنٽرولر آفيس ۾ جمع ڪرائين ته جيئن امتحان وقت سر وٺي سگهجي.