سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران ناياب ڪتابن کانپوءِ تاريخي تصويرن کي به ڊجيٽائيز ڪري محفوظ بنائڻ جو فيصلو

سنڌ يونيورسٽي جي ثقافتي اداري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران پنھنجن ڇپيل ناياب ڪتابن، پبليڪيشنس، قلمي نسخن ۽ تاريخي رڪارڊ کي ڊجيٽائيز ڪرڻ واري رٿا کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ مختلف وقتن تي ٿيل ڪانفرنسن، سيمينارن، ڪانووڪيشنن توڙي ٻين پروگرامن ۾ ٿيل فوٽوگرافي واري رڪارڊ کي پڻ ڊجيٽلائيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر غلام مرتضي' سيال ھڪ پڌرائي ۾ ان عزم جو اظھار ڪيو ته سنڌالاجي ۾ محفوظ ٿيل فوٽوگرافس کي ڊجيٽائيز ڪري سنڌالاجي جي ويب پيج تي رکيو ويندو ته جيئن اھي ھر ڪنھن جي پھچ ۾ اچي سگھن. ھن چيو ته انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ڇپايل ڪتابن، قلمي نسخن ۽ ڊاڪيومينٽس سان گڏوگڏ مختلف پروگرامن جون تصويرون بہ تاريخي رڪارڊ جي حيثيت رکن ٿيون، جن کي پڻ ڊجيٽائيز ڪري محفوظ ڪرڻ ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن جديد دور ۾ هر قسم جي تاريخي رڪارڊ ۽ ورثي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سڀ شيون ڊجيٽائيز ڪري آن لائن ڪيون وڃن.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 09/08/2022
Announcements
1024 x 768
Invitation for Submission of AI-Generated Videos on "Unmasking the Appeal – Countering N...
View Details → 06/09/2026
1024 x 768
Sindh University extends deadline for provisional admission to four-year LL.B programme
View Details → 06/09/2026
1024 x 768
Sindh University extends admission deadline for ADE, B.Ed (Hons) programmes
View Details → 06/09/2026