سنڌ يونيورسٽي قومي ملازمت جي گهرج پٽاندڙ تعيلمي سال 2023ع لاءِ وڌيڪ 8 نوان شعبا متعارف ڪرائي ڇڏيا، بي ايس پولٽري فارمنگ، پبلڪ هيلٿ، ڪوسٽل اينڊ ميرين سائنسز، ڊزاسٽر مئنيجمينٽ، اڪنامڪس اينڊ فنانس، انگلش لئنگويج ٽيچر ايجوڪيشن، فارينزڪ اڪائونٽنگ اينڊ فراڊ ايگزامنيشن ۽ بي ايس ايجوڪيشن (ويڪ اينڊ پروگرام) شام

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي صدارت هيٺ تعليمي سال 2023ع لاءِ مارڪيٽ جي گهرج پٽاندڙ تيار ڪرايل نئين 8 پروگرامن جي ڪورسز کي حتمي شڪل ڏيڻ جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ مختلف فئڪلٽين جي ڊينز ۽ بيچلرز جي نئين تعليمي پروگرامن جي شعبن جا چيئرپرسنز، ڊائريڪٽر ايڊميشنز، ڊائريڪٽر ڪوالٽي انهانسمينٽ سيل، ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ زولاجي شعبي ۾ پولٽري فارمنگ اينڊ مئنيجمينٽ، فزيالاجي شعبي ۾ پبلڪ هيلٿ، جيالاجي سينٽر ۾ ڪوسٽل اينڊ ميرين سائنسز، سنڌ ڊولپمينٽ اسٽڊي سينٽر ۾ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ، اڪنامڪس شعبي ۾ اڪنامڪس اينڊ فنانس، انگريزي انسٽيٽيوٽ ۾ انگلش لئنگويج ٽيچر ايجوڪيشن ۽ ڪامرس شعبي ۾ فارينزڪ اڪائونٽنگ اينڊ فراڊ ايگزامنيشن ۾ 4 سالا بي ايس پروگرام شروع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ بي ايس (ايجوڪيشن) 4 سالا پروگرام جمعو، ڇنڇر ۽ آچر تي شروع ڪرائڻ جي به منظوري ڏني ويئي. اجلاس ۾ زولاجي، فزيالاجي، جيالاجي، سنڌ ڊولپمينٽ سينٽر، اڪنامڪس، انگريزي ۽ ڪامرس شعبن جي سربراهن نئين متعارف ڪرايل شعبن جي اسڪوپ، ڪورسز، ڪريڊٽ اوورز، فئڪلٽي پوزيشن ۽ ڪلاس رومن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، جنهن کان پوءِ بي ايس پولٽري فارمنگ اينڊ مئنيجمينٽ، بي ايس پبلڪ هيلٿ، بي ايس ڪوسٽل اينڊ ميرين سائنسز، بي ايس ڊزاسٽر مئنيجمينٽ، بي ايس اڪنامڪس اينڊ فنانس، بي ايس انگلش لئنگويج ٽيچر ايجوڪيشن، بي ايس فارينزڪ اڪائونٽنگ اينڊ فراڊ ايگزامنيشن ۽ بي ايس (ايجوڪيشن) / بي ايڊ (جمعو، ڇنڇر ۽ آچر) تعليمي سال 2023ع کان شروع ڪرائڻ جي منظوري ڏني ويئي. وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو اجلاس کي ٻڌايو ته پولٽري فارمنگ اينڊ مئنيجمينٽ ۾ بي ايس ڪندڙ نوجوان سرڪاري نوڪرين سان گڏ پولٽري جي صنعت طرف لاڙو ڪري ڳچ ناڻو ڪمائي سگهن ٿا. هن چيو ته ڄاڻايل پروگرام ڊپارٽمينٽ آف زولاجي ۾ شروع ٿيندو، جنهن ۾ انسيڪٽ مئنيجمينٽ (جيتن جڻن جو انتظام) جهڙا مضمون به پڙهايا ويندا. هن چيو ته پولٽري فارمنگ نج منافعو ڏيندڙ ڪاروبار آهي، جنهن کي سائنسي طريقي سان شروع ڪرائڻ لاءِ 4 سالا بي ايس پروگرام شروع ڪرايو پيو وڃي. هن چيو ته سرڪاري اسپتالن ۽ ميڊيڪل سان لاڳاپيل ٻين ادارن ۾ پبلڪ هيلٿ جي به گهڻي گهرج آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪي به انساني صحت سان واڳيل بيماريون آهن، اهي صرف علاج کان سواءِ باقي پبلڪ هيلٿ جي ذمري ۾ اچن ٿا، تنهنڪري نوجوان بي ايس پبلڪ هيلٿ جي ڊگري مڪمل ڪري سرڪاري اسپتالن، صحت مرڪزن، ميڊيڪل جي ٻين ادارن ۽ اين جي اوز ۾ بهترين نوڪريون حاصل ڪري سگهندا. وائيس چانسلر ٻڌايو ته بي ايس ڪوسٽل اينڊ ميرين سائنسز به هڪ اهم شعبو آهي. ان ۾ گريجوئيشن مڪمل ڪندڙ نوجوان پاڪستان ڪوسٽ گارڊ، پاڪستان نيوي ۽ ٻين ادارن ۾ بهترين نوڪريون حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته سنڌ ۾ تازو جيڪا ٻوڏ آئي آهي، ان ۾ مختلف سرڪاري ادارا ڪم ته ڪري رهيا آهن، پر ڊزاسٽر مئنيجمينٽ جي ماهرن جي کوٽ پڻ نظر آئي. هن چيو ته بي ايس ڊزاسٽر مئنيجمينٽ مڪمل ڪندڙ نوجوان نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي، پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين سرڪاري توڙي نجي ادارن ۾ بهترين روزگار حاصل ڪري سگهن ٿا. سندس چوڻ هو ته موجوده دور ۾ اڪنامڪس اينڊ فنانس جي اهميت وڌي ويئي آهي. ڄاڻايل شعبي ۾ بي ايس مڪمل ڪندڙ نوجوان فوري طور سرڪاري ۽ پرائيويٽ بئنڪن، وڏن مالياتي ادارن ۽ ٻين شعبن ۾ نوڪريون ماڻي سگهندا. ڊاڪٽر ڪلهوڙو جو چوڻ هو ته تازو 14هين گريڊ ۾ پرائمري ۽ 15 گريڊ ۾ مڊل ۽ سيڪنڊري اسڪولن لاءِ ٽيچر مقرر ڪيا ويا، جن کي ڪيريئر ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ بي ايس انگلش لئنگويج ٽيچر ايجوڪيشن جي ضرورت پوندي، جڏهن ته جيڪي مستقبل ۾ به اسڪولن ۾ نوڪري ڪرڻ جا خواهشمند نوجوان آهن، اهي تعليمي سال 2023ع دوران ڄاڻايل شعبي ۾ داخلا وٺي اسڪول، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ استاد مقرر ٿيڻ کان سواءِ سي ايس ايس ۽ پي سي ايس سميت چٽاڀيٽي جي مختلف امتحانن ۾ حصو وٺي ڪاميابي ماڻي سگهن ٿا. هن چيو ته سنڌ سميت ملڪ ۾ هن وقت بي ايس (انگلش لٽريچر) ۽ بي ايس (انگلش اپلائيڊ لنگوئسٽڪس) جي وڏي ضرورت پنهنجي جاءِ تي موجود آهي، ۽ انھن شعبن ۾ سنڌ يونيورسٽي اڳواٽ ئي داخلائون آڇي رهي آهي، پر انگلش لئنگويج ٽيچر ايجوڪيشن ۾ بي ايس پروگرام به جاب مارڪيٽ ۾ پنهنجي الڳ حيثيت مڃائيندو. وائيس چانسلر چيو ته بي ايس (ايجوڪيشن) 4 سالا ويڪ اينڊ پروگرام پي ايس ٽي ٽيچرن جون تعليمي مهارتون بهتر بنائڻ ۽ کين ڪيريئر ۾ اڳتي وڌڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ لاءِ ترتيب ڏنو ويو آهي ته جيئن تازو پرائمري ۽ سيڪنڊري استاد بڻيل نوجوان جمعو، ڇنڇر ۽ آخر تي پڙهي سگهن ۽ پنهنجي تعليم بهتر ڪري سگهن، جنهن سان سندن نوڪري به متاثر نه ٿيندي ۽ ھو هڪ بهترين پروفيشل ڊگري پڻ وٺي سگهندا. وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو اھو به ٻڌايو ته پاڪستان سميت دنيا ۾ فارينزڪ اڪائونٽنگ اينڊ فراڊ ايگزامنيشن جي وڏي اهميت ۽ گهرج آهي. ڄاڻايل شعبي ۾ تعليم مڪمل ڪندڙ نوجوان پوليس، ايف آءِ اي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن توڙي فارينزڪ ليبارٽرين ۾ اهم عهدا حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته فارينزڪ اڪائونٽنٽ ڏوهن جا ثبوت تلاش ڪرڻ لاءِ مالياتي ڊيٽا جو تجزيو ڪن ٿا. کين انشورنس ڪمپنين، وڏن مالياتي ادارن ۽ پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ اهم نوڪريون ملي سگھن ٿيون. هن چيو ته فارينزڪ اڪائونٽنٽ پيشيوراڻا ماهر هجڻ سبب عدالتي ڪيسن ۾ به عدالتن جا معاون بڻجي سگهن ٿا.