سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سينڊيڪيٽ جي رڪنيت لاءِ ٽيچرز جي چئن سيٽن تي چونڊ 8 نومبر تي منعقد ڪرائڻ جو اعلان

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ سينڊيڪيٽ جي ميمبرن لاءِ ٽيچرز جي چئن سيٽن تي چونڊ 8 نومبر 2022ع تي منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ٽن سالن لاءِ سينڊيڪيٽ جي رڪنيت لاءِ ٽيچرز جي چئن سيٽن تي پروفيسر، ائسوسيئيٽ پروفيسر، اسسٽنٽ پروفيسر ۽ ليڪچرار چونڊ وڙهي سگهن ٿا. نوٽيفڪيشن موجب پروفيسر، ائسوسيئيٽ پروفيسر، اسسٽنٽ پروفيسر ۽ ليڪچرار جي سينڊيڪيٽ ۾ رڪنيت لاءِ هڪ هڪ سيٽ آهي، جنهن لاءِ پروفيسر کان وٺي ليڪچرار تائين ووٽر صرف پنهنجي پنهنجي گريڊ يا هم منصب اميدوار کي ووٽ ڏيئي سگهندا. نوٽيفڪيشن موجب 8 نومبر 2022ع تي چونڊ منعقد ٿيڻ بعد ساڳئي ڏينهن نتيجن جو اعلان ڪيو ويندو. اهڙيءَ طرح سرڪاري طور چونڊ نتيجن جو اعلان 11 نومبر 2022ع تي ڪيو ويندو. نوٽيفڪيشن موجب اميدوارن جي حتمي فهرست 3 نومبر تي جاري ڪئي ويندي ۽ 31 آڪٽوبر تائين نامزدگيون واپس وٺي سگهبيون. نوٽيفڪيشن موجب نامزد اميدوارن جي فهرست جي تياري ۽ اعلان 27 آڪٽوبر تي ٿيندو، جڏهن ته نامزدگين جي ڇنڊڇاڻ 25 آڪٽوبر تي ڪئي ويندي. نوٽيفڪيشن موجب ووٽرن جي حتمي لسٽ 20 آڪٽوبر تي جاري ڪئي ويندي ۽ سڀاڻي 18 آڪٽوبر تي ووٽر لسٽن بابت دعويٰ ۽ اعتراض داخل ڪرائي سگهبا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 10/18/2022
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ جي وي سي پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد م...
View Details → 02/10/2026
1024 x 768
شیخ الجامعہ سندھ پروفیسر ڈاکٹر فتح محمد مری کا فی...
View Details → 02/10/2026
1024 x 768
Sindh University VC Dr Marri visits Faculty of Social Sciences, interacts with students
View Details → 02/10/2026