سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران تعليمي سال 2023 لاءِ بيچلر ۽ ماسٽر ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ آن لائن فارم ۽ داخلا پروسيسنگ فيس جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 24 آڪٽوبر تائين واڌ جو اعلان

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو اميدوارن ۽ سندن والدين جي درخواست تي تعليمي سال 2023 لاءِ بيچلر ۽ ماسٽر ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ آن لائن فارم ۽ داخلا پروسيسنگ فيس جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 24 آڪٽوبر تائين واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پنھنجي جاري ڪيل ھڪ پڌرائيءَ ۾ ڊائريڪٽر ايڊميشنز چيو ته ٻوڏ متاثر ضلعن جي شاگردن کي ھڪ ڀيرو ٻيھر موقعو ڏيڻ لاءِ وائيس چانسيلر جي منظوريءَ بعد آن لائن رجسٽريشن جي تاريخ ۾ 24 آڪٽوبر تائين واڌ ڪئي وئي آھي. ھن داخلا جي خواھشمندن کي صلاح ڏني ته ھو آن لائن فارم ڀرڻ دوران جنريٽ ٿيندڙ 2500 جو چالان لازمي جمع ڪرائين، ٻي صورت ۾ سندن آن لائن فارم رد تصور ڪيو ويندو. ڊاڪٽر ڪيريو واضح ڪيو ته 24 آڪٽوبر کانپوءِ رجسٽريشن جي تاريخ ۾ ڪا به واڌ نه ٿيندي.

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 10/18/2022
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هيڪ جي نيشنل اڪيڊمي آف هائير اي...
View Details → 02/17/2026
1024 x 768
NAHE-backed outreach programmes concluded at Sindh University
View Details → 02/17/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ میں ہائیر ایجوکیشن کمیشن کی نیشنل اکیڈ...
View Details → 02/17/2026