سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انٽر ڊپارٽمينٽل گهڻ ٻولي ڳائيڪي جا مقابلا، 60 شاگردن ۽ شاگردياڻين حصو ورتو: مشهور راڳي مظهر حسين، ڊاڪٽر ذوالفقار علي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش ناريجو جي جج طور شرڪت

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ بيورو آف اسٽيگس پاران شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ثقافتي زندگيءَ کي تقويت ڏيڻ، کين پنهنجيون صلاحيتون ڏيکارڻ لاءِ هڪ بهترين پليٽ فارم مهيا ڪرڻ ۽ ڪئمپس جي ماحول کي پرجوش بنائڻ لاءِ انٽر ڊپارٽمينٽل گهڻ ٻولي ڳائيڪيءَ جا مقابلا منعقد ڪيا ويا، جنهن ۾ 60 شاگردن ۽ شاگردياڻين بهرو ورتو. راڳ رنگ جا مقابلا آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿيا، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي لاڙ ڪئمپس بدين جي ڊپارٽمينٽ آف انگلش لينگويج اينڊ لٽريچر جي رافيه ترڪ کي بهترين راڳي قرار ڏيندي پهرين پوزيشن ڏني ويئي. جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن جي برات ذوالفقار قريشي ۽ انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگويج اينڊ لٽريچر جي عزيز احمد کي ترتيبوار ٻي ۽ ٽين پوزيشن ڏني ويئي. سنڌ جي مشهور راڳي مظهر حسي، ڊاڪٽر ذوالفقار علي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش ناريجو جج طور شرڪت ڪئي، جن تقريب جي پڄاڻيءَ تي بيورو آف اسٽيگس جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مبارڪ علي لاشاري سان گڏجي فاتح شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ٽرافيون ورهايون. ان کان اڳ شاگردن ۽ شاگردياڻين سنڌي، اردو ۽ هندي سميت مختلف ٻولين ۾ معروف ڪلام ڳائي ٻڌندڙن تي سحر طاري ڪري ڇڏيو. راڳ مقابلن دوران شيخ اياز آڊيٽوريم جو هال مڪمل طور ڀريل رهيو ۽ ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون بيهي راڳ رنگ مان لطف اندوز ٿيندا رهيا. پروگرام دوران آڊيٽوريم جي گئلري به شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ڀريل رهي. مقابلن ۾ حصو وٺندڙ 60 ئي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ڳائيڪي نرم ۽ سريلي هئڻ سان گڏ پرجوش ۽ متاثر ڪندڙ هئي. مختلف گيتن تي حاضرين رقص ڪندا ۽ تاڙيون وڄائي کين داد ڏيندا رهيا. موسيقي، رقص، ٽهڪن جي پڙاڏي ۽ شاگردن جي آواز جي دلڪش امتزاج ماحول کي ويتر گرمائي ڇڏيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي مختلف ڊپارٽمينٽن جي نوجوان شاگردن ۽ شاگردياڻين تقريب جي خاص مهمان مظهر علي ۽ ٻين ججن کي به متاثر ڪري ڇڏيو. ڳائيندڙ شاگرد ايترا ته سريلا هئا جو ججن لاءِ پهرين، ٻي ۽ ٽين پوزيشن ڏيڻ جو فيصلو ڪرڻ ڏکيو بڻجي ويو. انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪرمنالاجي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر نبي بخش ناريجو يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي گلوڪاريءَ وارين صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته جج طور سندس لاءِ ڏکيو ٿي ويو هو ته هو ڪنهن کي پهرين پوزيشن ڏئي، ڇاڪاڻ ته سڀني نوجوانن زبردست ڳايو. ماس ڪميونيڪيشن شعبي جي چيئرمين ۽ جج ڊاڪٽر ذوالفقار علي چيو ته موسيقي ميڊيا جو انتهائي طاقتور مثبت هٿيار طور سامهون آئي آهي. هن چيو ته اگر سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي ٿورو به تيار ڪيو وڃي ته هو هڪ مڪمل فنڪار وانگر ڳائين ها. بيورو آف اسٽيگس جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مبارڪ علي لاشاريءَ چيو ته راڳ جي مقابلي ۾ حصو وٺندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ڪارڪردگي شاندار رهي. هن ججن جي ڳالهه سان سهمت ٿيندي چيو ته اگر ڄاڻايل شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ٿوري به راڳ جي تربيت مليل هجي ها ته هو ڪنهن فنڪار کان گهٽ نه ڳائين ها. هن چيو ته ڳائڻ وڄائڻ هڪ وڏي فيلڊ آهي، جنهن ۾ پئسو به جام آهي، پر اسان وٽ معياري ڌنون نه ٺهڻ ۽ راڳ ۾ ڪاپي ڪلچر وڌڻ سبب سنڌي موسيقي زوال طرف وڃي رهي آهي. هن وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته سندس مڪمل سهڪار سان اڄوڪو پروگرام منعقد ڪرڻ ممڪن بڻيو آهي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر بيورو آف اسٽيگس ڊاڪٽر غزالا پنهور، فئڪلٽي ميمبر خليق الزمان مهيسر، عظيم اختر ڀٽي، ناديه سمون، سيڪيورٽي آفيسر ڪاشف علي ناريجو، صدام حسين مغيري ۽ ٻيا ڪيترائي استاد ۽ وڏي انگ ۾ شاگرد موجود هئا.