سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پوليٽيڪل سائنسز جي ٻن ٽيمن وچ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل کيڏي ويو، ڪريزي اليون پنهنجي مخالف ٽيم رائيزنگ اسٽارز کي 67 رنسن تان شڪست ڏيئي ٽورنامينٽ کٽي ورتي

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊپارٽمينٽ آف پوليٽيڪل سائنس جي ٻن ٽيمن رائيزنگ اسٽارز ۽ ڪريزي اليون وچ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائنل مئچ کيڏي ويئي، جنهن ۾ ڪريزي اليون پنهنجي مخالف ٽيم کي 67 رنسن تان عبرتناڪ شڪست ڏيئي ڇڏي. ڊپارٽمينٽ آف پوليٽيڪل سائنس پاران منعقد ڪيل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل سنڌ يونيورسٽي پي سي بي گرائونڊ ۾ کيڏيو ويو، جنهن ۾ ڪريزي اليون جي ڪپتان اظهر علي ٽاس کٽي پهريان بئٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 10 اوورن ۾ شاندار 90 رنسون ٺاهيون. مجموعي طور 91 رنسن جو ٽارگيٽ ملڻ بعد رائيزنگ اسٽارز جي ٽيم جڏهن کيڏڻ آئي ته ان جا رانديگر وقفي وقفي سان آئوٽ ٿيندا ويا. پوري ٽيم 5 اوورن ۾ 24 رنسون ٺاهي سگهي. جڏهن ته رائيزنگ اسٽارز جي ڪپتان سبحان به ڪو خاص ٻوٽو نه ٻاريو. ٽيم جي بئٽنگ لائين ۽ فيلڊنگ سٺي نه رهي. فائنل مئچ جو مهمان خاص وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو هو، جنهن پوليٽيڪل سائنس شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر غلام اڪبر مهيسر سان گڏجي رنر اپ ٽرافي رائيزنگ اسٽارز جي ڪپتان سبحان ۽ ونر ٽرافي ڪريزي اليون جي ڪپتان اظهر علي حوالي ڪئي. مئچ دوران بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي ڪريزي اليون جي ٻن رانديگرن شيراز علي ۽ وسيم احمد کي وائيس چانسلر شيلڊون ڏنيون. ان موقعي تي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو آرگنائيزر خليق الزمان مهيسر، ڊائريڪٽر اسپورٽس (بوائزز) اجويد احمد ڀٽي، عمران نوناري، جمشيد بلوچ، ڊاڪٽر بشارت لنجواڻي، ڊاڪٽر پرويز مهر، ڊاڪٽر مصطفيٰ ڳاهو، احمد حسن شاهه، نادر علي جمالي ۽ ٻيا ڪيترائي استاد ۽ شاگرد موجود هئا. مئچ دوران ڪمينٽري ٻن شاگردن مونس اياز ۽ صدام سرڪي ڪئي. تقريب جي آخر ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو رانديگرن کي خطاب ڪندي تعليم تي مڪمل ڌيان سان گڏ ذهن کي تازو رکڻ لاءِ راندين جي سرگرمين ۾ به حصو وٺڻ جي تلقين ڪئي ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ اسڪالرشپ جا بهترين موقعا فراهم ڪيا ويندا. هن چيو ته هيل تائين اسڪالرشپ جي مد ۾ 4 هزار ٻارن ۾ 30 ڪروڙ رپيا ورهائي چڪا آهيون.