سنڌ يونيورسٽيءَ جي بيورو آف اسٽيگس پاران تقريب، انگريزي شعبي جي ٻن شاگردياڻين تحريم جتوئي ۽ اريبا علي جي ڪتابن جو مهورت ڪيو ويو، انسٽيٽيوٽ آف انگلش جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد خان سانگي، ڊاڪٽر بشير ميمڻ، ڊاڪٽر غلام علي ٻرڙو، ڊاڪٽر مبارڪ علي لاشاري ۽ ٻين جي شرڪت

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي بيورو آف اسٽيگس پاران آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگويج اينڊ لٽريچر جي ٻن شاگردياڻين پاران لکيل ٻن ڪتابن جي مهورتي تقريب منعقد ڪئي ويئي، جنهن ۾ انگريزي ادب جي آخري سال جي شاگردياڻي تحريم جتوئي جي ناول تي مشتمل ڪتاب “دي پنڪ ڪُو” (گلابي بغاوت) ۽ انگريزي لسانيات جي ٻئي سال جي شاگردياڻي اريبا علي جي شاعري ۽ نثر تي مشتمل ڪتاب “ڪنفلڪٽنگ اموشنس” (متضاد جذبات) جو مهورت ڪيو ويو. تقريب ۾ انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگويج اينڊ لٽريچر جي ڊائريڪٽر پروفيسر محمد خان سانگي، ڊاڪٽر بشير ميمڻ، ڊاڪٽر غلام علي ٻرڙو ۽ ڊاڪٽر مبارڪ علي لاشاري ٻنھي ليکڪائن تحريم جتوئي ۽ اريبا علي جي ڪتابن جو مهورت ڪيو. ٻئي ڪتاب انگريزيءَ ۾ لکيل آهن. 96  صفحن جي ناول تي مشتمل ڪتاب “گلابي بغاوت” جي پاڪستان ۾ قيمت 1200 رپيا ۽ 64 صفحن تي مشتمل ڪتاب “متضاد جذبات” جي قيمت 650 رپيا مقرر ڪئي ويئي آهي.

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 11/22/2022
Announcements
1024 x 768
Well-known historian highlights legacy of Shaheed Allah Bux Soomro at Sindh University
View Details → 12/02/2025
1024 x 768
SU's anthropology students showcase Sindhi music heritage through poster art exhibition
View Details → 11/28/2025
1024 x 768
Mock viva voce held for final-year students at SU Laar Campus
View Details → 11/28/2025