سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليمي سال 2023ع لاءِ بيچلر ڊگري پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ اِي پورٽل سڀاڻي (7 ڊسمبر) کان کولڻ جو اعلان، انٽري ٽيسٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 30 اسڪور حاصل ڪندڙ اميدوار گهربل ڪاغذ اپلوڊ ڪن ۽ داخلائن لاءِ پنهنجا چوائسز ڏين

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊائريڪٽر ايڊميشنز پنهنجي هڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته جن به اميدوارن سنڌ يونيورٽيءَ جي مختلف 70 شعبن ۾ تعليمي سال 2023ع لاءِ بيچلر ڊگري پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ درخواستون جمع ڪرائڻ بعد انٽري ٽيسٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 30 مارڪون حاصل ڪيون آهن، انهن جا اِي پورٽل سڀاڻي 7 ڊسمبر کان کوليا ويندا، جتي هو پنهنجا گهربل تعليمي ڪاغذ اپلوڊ ڪرڻ سان گڏ داخلائن لاءِ چوائسز لکي سگهن ٿا. پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ ۾ ڊائريڪٽر ايڊميشنز وڌيڪ ڄاڻايو ته اِي پورٽل 7 ڊسمبر کان کوليا ويندا، جيڪي تقريبن 10 ڏينهن تائين کُليل رهندا. پڌرائيءَ موجب پري انٽري ٽيسٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 30 اسڪور حاصل ڪندڙ اميدوار پنهنجي اِي پورٽل تي وڃي گهربل تعليمي ڪاغذ اپلوڊ ڪن ۽ ڊسيپلينز جي خاني ۾ 30 چوائسز لکن ته جيئن سندن داخلائن جو عمل اڳتي وڌائي سگهجي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 12/07/2022
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي آفيسرن، استادن ۽ ملازمن پاران وي...
View Details → 05/18/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي عالمي ڪنوينشن ۾ شاندار...
View Details → 05/18/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ کے افسران، اساتذہ و ملازمین کی وی سی ڈا...
View Details → 05/18/2026