هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستاني شاگردن لاءِ آمريڪا ۾ ماسٽرز ۽ پي ايڇ ڊي ڊگرين جي حاصلات لاءِ 1000 اسڪالرشپس ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد “يو ايس پاڪستان ناليج ڪوريڊور” جي سري ھيٺ پاڪستاني شاگردن لاءِ 1000 بيچلرز، ماسٽرز ۽ پي ايڇ ڊي اسڪالرشپس جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. اسڪالرشپس جو مقصد نان پي ايڇ ڊي فئڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن کي ڊاڪٽريٽ جي تعليم ڏيارڻ آهي. انهيءَ ئي پروگرام تحت پي ايڇ ڊي کان سواءِ ماسٽرز ۽ بي ايس جي شاگردن کي پڻ انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي، فزيڪل سائنسز، سوشل سائنسز، بائلاجيڪل اينڊ ميڊيڪل سائنسز، ايگريڪلچر اينڊ وٽرنري سائنسز ۽ بزنس ۽ انٽر پرينيورشپ ۾ اعليٰ تعليم ڏياري ويندي. ڄاڻايل اسڪالرشپ اسڪيم تحت پي ايڇ ڊي جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ استادن ۽ شاگردن کي آمريڪا موڪليو ويندو. ان سلسلي ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي اسڪالرشپ پروجيڪٽ “يو ايس پاڪستان ناليج ڪوريڊور“ جي پروجيڪٽ مئنيجمينٽ يونٽ سنڌ يونيورسٽي جي اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس جي تعاون سان مادر علمي ۾ ڄاڻايل اسڪالرشپ پروگرام بابت هڪ اورينٽيشن/آئوٽ ريچ سيشن جو اهتمام ڪيو، جنهن ۾ يونيورسٽيءَ جي استادن ۽ شاگردن کي ڄاڻايل اسڪالرشپس جي باري ۾ مڪمل معلومات فراهم ڪئي ويئي. اورينٽيشن سيشن سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ مئنيجمينٽ ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ مئنيجمينٽ جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم علي مهيسر ۽ ٻين ٽيچرز توڙي اسڪالرز جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.