سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سرڪاري توڙي نجي ڪاليجن ۾ سيمسٽر امتحان 22 ڊسمبر کان منعقد ڪرڻ جو اعلان

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سرڪاري توڙي نجي ڪاليجن ۾ سيمسٽر امتحانن 2021ع جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ڪنٽرولر ڄاڻايو آهي ته ائسوسيئيٽ ڊگري ان سائنس (باٽني) حصو پهريون ۽ ٻيو ، بي سي ايس حصو پهريون، ٻيو ۽ ٽيون، بي ايس انفارميشن ٽيڪنالاجي حصو پهريون، ٻيو، ٽيون ۽ چوٿون، بي سافٽ ويئر انجنيئرنگ حصو پهريون، ٻيو، ٽيون ۽ چوٿون، بي سي آءِ ٽي حصو پهريون (فيلوئر) ۽ حصو ٽيون (ريگيولر ۽ فيلوئر) جي سمورين بئچن جا پهرئين سيمسٽر 2021ع جا امتحان 22 ڊسمبر 2022ع کان منعقد ڪيا ويندا. ڪنٽرولر موجب امتحانن جو تفصيلي شيڊيول جلد جاري ڪيو ويندو.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 12/15/2022
Announcements
1024 x 768
SU Directorate of Sports plans sports facilities for students’ hostels on VC’s directi...
View Details → 09/18/2026
1024 x 768
وائس چانسلر کی خصوصی ہدایات پر ڈائریکٹوریٹ آف اسپ...
View Details → 09/18/2026
1024 x 768
وائيس چانسلرجي خصوصي هدايتن تي ڊائريڪٽوريٽ آف اس...
View Details → 09/18/2026