سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل خانگي ڪاليجن ۽ انسٽيٽيوٽس ۾ سيمسٽر امتحانن جا فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جو شيڊول جاري

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل خانگي ڪاليجن ۽ انسٽيٽيوٽس جي 4 سالا بي بي اي (آنرس) پروگرام، چار سالا ايم بي اي پروگرام، 2 سالا ايم بي اي ايوننگ پروگرام (6 سيمسٽر)، بي ايس انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ بي ايس سافٽ ويئر انجنيئرنگ حصو پهريون جي ٻئي سيمسٽر جا امتحان جلد منعقد ڪيا ويندا. پڌرائيءَ موجب ڄاڻايل ڊگري پروگرامن جا امتحاني فارم 16 کان 28 ڊسمبر 2022ع تائين بنا ليٽ فيءَ جي جمع ڪرائي سگهجن ٿا، جڏهن ته 29 ڊسمبر 2022ع کان پهرين جنوري 2023ع تائين 5000 رپيا ليٽ فيءَ سان گڏ امتحاني فارم جمع ڪرائي سگهبا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 12/15/2022
Announcements
1024 x 768
SU Directorate of Sports plans sports facilities for students’ hostels on VC’s directi...
View Details → 09/18/2026
1024 x 768
وائس چانسلر کی خصوصی ہدایات پر ڈائریکٹوریٹ آف اسپ...
View Details → 09/18/2026
1024 x 768
وائيس چانسلرجي خصوصي هدايتن تي ڊائريڪٽوريٽ آف اس...
View Details → 09/18/2026