سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل خانگي ڪاليجن ۽ انسٽيٽيوٽس ۾ سيمسٽر امتحانن جا فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جو شيڊول جاري

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل خانگي ڪاليجن ۽ انسٽيٽيوٽس جي 4 سالا بي بي اي (آنرس) پروگرام، چار سالا ايم بي اي پروگرام، 2 سالا ايم بي اي ايوننگ پروگرام (6 سيمسٽر)، بي ايس انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ بي ايس سافٽ ويئر انجنيئرنگ حصو پهريون جي ٻئي سيمسٽر جا امتحان جلد منعقد ڪيا ويندا. پڌرائيءَ موجب ڄاڻايل ڊگري پروگرامن جا امتحاني فارم 16 کان 28 ڊسمبر 2022ع تائين بنا ليٽ فيءَ جي جمع ڪرائي سگهجن ٿا، جڏهن ته 29 ڊسمبر 2022ع کان پهرين جنوري 2023ع تائين 5000 رپيا ليٽ فيءَ سان گڏ امتحاني فارم جمع ڪرائي سگهبا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 12/15/2022
Announcements
1024 x 768
Anthropologists from University of Sindh Invited to Speak at Sir Cowasjee Institute of Psy...
View Details → 10/21/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٻئي مرحلي واري پري انٽري ٽيسٽ م...
View Details → 10/19/2025
1024 x 768
سندھ یونیورسٹی میں پری انٹری ٹیسٹ کا دوسرا مرحلہ ...
View Details → 10/19/2025