سنڌ يونيورسٽيءَ بيچلر ڊگري پروگرامز لاءِ چونڊيل اميدوارن کي فيس جمع ڪرائڻ لاءِ بئنڪ ۾ وڃڻ سان گڏ ايڇ بي ايل موبائيل ايپ، ڪونيڪٽ ۽ ڪونيڪٽ ايجنٽ جي سهولت فراهم ڪري ڇڏي

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي سمورن ڪئمپسز ۾ تعليمي سال 2023ع لاءِ بيچلر ڊگري پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ جاري ڪيل پھرين ميرٽ لسٽ تحت اميدوار 18 جنوريءَ تائين داخلا فيس حبيب بئنڪ جي ڪنهن به برانچ ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا، جڏهن ته اميدوارن کي ايڇ بي ايل ڪونيڪٽ، ايڇ بي ايل موبائيل ايپ ۽ ڪونيڪٽ ايجنٽ ذريعي به داخلا في جمع ڪرائڻ جي سهولت فراهم ڪئي ويئي آهي. ڊائريڪٽر ايڊميشنز ڊاڪٽر اياز ڪيريو موجب 18 جنوريءَ تائين بيچلر ڊگري پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ پهرين ميرٽ لسٽ ۾ چونڊيل 10 هزار 242 اميدوار في جمع ڪرائي سگهن ٿا. هن ٻڌايو ته فيس جمع ڪرائڻ کان پوءِ اميدوار 16 جنوريءَ کان 26 جنوريءَ تائين في چالان ۽ ٻيا گهربل تعليمي ڪاغذ سنڌ يونيورسٽيءَ جي بينظير ڪنوينشن سينٽر ۾ لڳل ايڊميشنز ڪائونٽرز ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا. پڌرائيءَ موجب سنڌ يونيورسٽيءَ جي محترمه بينظير ڀٽو شهيد ڪئمپس دادو، لاڙ ڪئمپس بدين، سيد الهندو شاهه ڪئمپس نوشهروفيروز، ميرپورخاص، ٺٽو ۽ لاڙڪاڻي ڪئمپس جا اميدوار پنهنجن لاڳاپيل ڪئمپسز ۾ ئي پنهنجا گهربل ڪاغذ جمع ڪرائي سگهندا.