MPhil/M.S & PhD Admissions 2025
سنڌ يونيورسٽي ۽ ان جي ڪئمپسز ۾ سياري جون موڪلون ختم: تعليمي ۽ تحقيقي سرگرميون ٻيهر 16 جنوريءَ کان شروع ٿي وينديون، صفائي سٿرائيءَ سميت سموريون تياريون مڪمل

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جا سمورا ڪئمپسز سياري جي موڪلن بعد تعليمي ۽ تحقيقي سرگرمين لاءِ سومر 16 جنوري 2023ع تي ٻيهر کُلي رهيا آهن، جنهن لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي ڪئمپسز ايلسا قاضي ڪئمپس حيدرآباد، محترمه بينظير ڀٽو شهيد ڪئمپس دادو، لاڙ ڪئمپس بدين، سيد الهندو شاهه ڪئمپس نوشهرفيروز، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو ۽ ٺٽو ڪئمپس ۾ سياري جون موڪلون 13 جنوريءَ تي ختم ٿي ويون، جنهن کان پوءِ يونيورسٽي باضابطا طور سومر 16 جنوريءَ تي ڪئمپسز سميت کُلي ويندي. هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي بوائيز ۽ گرلز هاسٽلن جي پرووسٽن هاسٽلن ۾ صفائي سٿرائيءَ جو ڪم مڪمل ڪرائي ورتو، جڏهن ته علامه آءِ آءِ قاضي ڪئمپس ۾ واقع جهنگلي ديويون ڪاٽڻ بعد وڻن کي ڇانگائي خوبصورت بڻايو ويو آهي. واضح رهي ته ڊسمبر ۾ ٻئين سيمسٽر جا امتحان هلڻ سبب سنڌ يونيورسٽي ۽ ان جي ڪئمپسز ۾ سياري جون موڪلون 3 جنوريءَ کان 13 جنوري تائين ڪيون ويون، جيڪي جمعي ڏينھن ختم ٿي ويون آهن. سڀاڻي 14 جنوريءَ تي ڇنڇر ۽ 15 جنوريءَ تي آچر هئڻ سبب سنڌ يونيورسٽي ۽ ان جا ڪئمپسز  سومر 16 جنوريءَ تي تدريسي ۽ تحقيقي سرگرمين لاءِ ٻيهر کُلي ويندا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 01/17/2023
Announcements
Academic Transcript / Marksheet
University of Sindh Extends Admission Deadline for Associate Degree Programs –...
View Details → 07/18/2025
Academic Transcript / Marksheet
سنڌ يونيورسٽي پاران 3 اهم هنڌن تي گلدار ۽ ميو...
View Details → 07/16/2025
Academic Transcript / Marksheet
جامعہ سندھ کی جانب سے 3 اہم مقامات پر پھولدا...
View Details → 07/16/2025