سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڊيوٽي دوران حيدرآباد ۾ شھيد ٿيل ڊرائيور غلام علي ڳن جي ياد ۾ تعزيتي ريفرنس، وائيس چانسيلر صدارت ڪئي، شھيد جون ساروڻيون ساريندي کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ حيدرآباد ۾ ڊيوٽي دوران شھيد ٿي ويل ڊرائيور غلام علي ڳن جي ياد ۾ تعزيتي ريفرنس وائيس چانسيلر پروفيسر ميريٽوريس ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو جي صدارت ھيٺ منعقد ٿيو، جنھن دوران شھيد غلام علي ڳن جون ساروڻيون ساريندي کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو، جڏھن ته سندس ايصال ثواب لاءِ اجتماعي دعا پڻ گھري ويئي. تعزيتي ميڙاڪو وي سي سيڪريٽريٽ جي سينيٽ ھال ۾ منعقد ٿيو، جنھن ۾ رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو، سنڌ يونيورسٽي ميرپورخاص ڪئمپس جي فوڪل پرسن پروفيسر ڊاڪٽر امام الدين کوسو، ٽرانسپورٽ انچارج ميھر علي قاضي، ڊائريڪٽر اوريڪ ڊاڪٽر عقيل احمد ڀٽو، سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي، سيڪيورٽي آفيسر غلام رسول چانڊيو، جان عالم سولنگي کان سواءِ وڏي تعداد ۾ ملازمن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالھائيندي وائيس چانسيلر پروفيسر ميريٽوريس ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو شھيد ڊرائيور غلام علي ڳن کي زبردست لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته غلام علي وقت جو پابند ۽ روحاني رمز رکندڙ بھترين انسان ھو ۽ ھو ھڪ نيڪ قسم جو انسان ھو. ھن چيو ته اصل قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ حيدرآباد پوليس ڪوششون وٺي رھي آھي ۽ ڊي آء جي پير محمد شاهه پاڻ ان معاملي کي ڏسي رھيو آھي. ھن چيو ته قاتلن جي جلد گرفتاريءَ جي اميد آھي. وائيس چانسيلر جو چوڻ ھو ته شھيد ڊرائيور جي بيواهه کي ڪوارٽر الاٽ ڪيو ويو آھي ۽ سندس ٻارن کي به اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. ھن چيو ته جيڪڏھن غلام علي ڳن جي ٻارن کي مالي ضرورت پئي ته گھربل ڪاغذ تيار ٿيڻ کان اڳ به کين اڳواٽ رقم ڏني ويندي، جيڪا بعد ۾ ايڊجسٽ ڪرائي ويندي. تعزيتي ريفرنس ۾ ملازم شھاب قريشي مقتول جي مغفرت لاءِ قل پڙھائڻ بعد گڏيل دعا ڪرائي.